Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي جيون ۽ جھاز جو بيت
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
دنيا جو هيءُ جھان وڏي درياھ ۽ سمنڊ جيان آهي، جنھن ۾ اهڙا انسان تمام گهٽ آهن، جيڪي تارو آهن ۽ تري پار پون ٿا. انهيءَ درياھ ۾ (وڏي ۾ وڏي) لهر لوڀ ۽ لالچ جي آهي ۽ ٻيو باھ جھڙو حرص ۽ هوس وارو اوڙاھ آهي (انهن ٻنهي کان عام انسانن جو بچڻ ڏاڍو مشڪل آهي). ليڪن جيڪي (حق جا) طالب آهن انهن هميشه پنھنجي ٻيڙيءَ کي پاسو ڏيئي ڦيرائي (بچائي) پئي هلايو آهي (حرص جي ڪُنن ۾ ڪِرڻ کان پاڻ کي بچايو آهي).
[ڏٺو وڃي تہ هن بيت ۾ سر سريراڳ جو سمورو فڪر سمايل آهي. انسان لاءِ هيءَ دنيا سمنڊ وانگر آهي ۽ اهو اڻانگو سفر آهي، ان مان ڪيئن ڪامياب ٿي نڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ انسان کي هر وقت خبردار رهڻو آهي، ۽ صالح عمل ڪرڻو آهي، جنھن سان سندس اهو سفر سڻائو ٿي سگهي ٿو.
مثنوي روميءَ جي هڪ شعر ۾ اهو سمورو فڪر هن ريت سمايل آهي:
اين جھان درياست وتن ماهي و روح.
(دفتر ٻيو، بيت- 3140)
ترجمو: هي جھان درياھ آهي ۽ انسان ان ۾ مڇيءَ وانگر آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1406
دُنْيَا سَڀْ دَرْيَاہُ ڪُوْ ڪُوْ تَارُوْ تَھِم﮼﮶
هِڪِرِيْ لَھْرَ لُوْڀَ لِبَاسَ جِيْ ٻِئُوْ آَتَشِيْ اُوْرَاہُ﮶
طَالِبَنِ تِئَا مُوْرٖيْ چَارِيْ مَڪُرِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
दुनिया सभ दरियाह। को को तारू तिंहिं में।
हिकिड़ी लहिरि लोभ जी। बि॒यो आतशी ओड़ाहु।
तालिबनि तोड़ां। मोड़े चाड़िहियूं मकुड़ियूं।
ROMAN SINDHI
Duniya sabh daryah ko ko tarwo tehen me,
Hekri lehar lobh je, bio Aateye arwah,
Talban toraan, morhe charhyon mukrhyon.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري،…
- (بيت) تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي،…
- (بيت) جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون…
- (بيت) جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو…
- (بيت) جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ…
- (بيت) جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ…
- (بيت) جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ…
- (بيت) جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا…
- (بيت) سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ…
- (بيت) سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ…
- (بيت) ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،…
- (بيت) وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ…
- (بيت) وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ…
- (بيت) گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
