Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي ڏنو سر ڏياچ جو بيت
مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي،
سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي،
پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ وِئا اُجِهي،
ڪوڙيِين جِي ڪَرِيمَ ري، ويئِي مَتِ مُنجِهي،
ھِڪَ ٻِيجَلِئي ٻُجِهي، ٻِي خَبَرَ آھِ کَنگهارَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ ڪو وڏو مخفي راز هو، جيڪو راڻين، ٻين عورتن ۽ ٻانهين کي سمجهہ ۾ نہ اچي سگهيو، نہ آيو. اتي داناءَ ۽ عقل جا اڪابر بہ منجهي بيهي رهيا ۽ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويا. قادر ڪريم جي رهنمائيءَ کان سواءِ سڀني جي سمجهہ جواب ڏيئي ويئي. (هو اهو راز لھي نہ سگهيا). انهيءَ ڳجهہ يا راز جي خبر هڪڙي اصلي مالڪ ۽ ڌڻيءَ کي هئي ۽ ٻي ان منگتي يا طالب کي هئي.
[سنڌ جي فقيرن درويشن توڻي سياڻن سگهڙن، ٻيجل جو مٿي ڪوٽ تي چڙهڻ ۽ راءِ ڏياچ جي حضور ۾ اچڻ واري تخيل مان (۽ صرف انهيءَ تخيل مان) نبي صلعم جو معراج تي وڃڻ ۽ حضور الاهي تائين پھچڻ واري تمثيل کي معنيٰ طور پئي ورهايو آهي. جيتوڻيڪ ٻين اهڃاڻن جي لحاظ سان اها تمثيل ناقص آهي. هن بيت ۾ انهيءَ تمثيل کان سواءِ بہ سڌي سهڻي معنيٰ موجود آهي. ن.ب]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 1999
مِيي﮼ ءٍ مَکَّنٍ ڪَا جَا کَالِ کُجِيْ﮶
پِئَا وِيْرَ وِمَاسَم﮼ عَاقِلَ وِئَا اُجِيْ﮶
هِڪُ ٻِيْڄَلِيَىءِ ٻُڌِيْ ٻِيْ خَبَرَ اٰہِ کَنکَّارَ کٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मियें एं मङणे। का जा गा॒ल्हि गु॒झी।
सा बा॒इनि दाइनि बां॒निहिनि। सोझे तां न सुझी।
पिआ वीर विमास में। आक़िल विआ उझी।
कोड़ियें जी करीम रे। वेई मति मुन्झी।
हिक बी॒जलिए बु॒झी। बी॒ ख़बर आहि खंघार खे।
ROMAN SINDHI
Meeyan aen mangnne, ka ja ggalh gguJhi,
Sa Baeen dain Banh, suJhy tan na suJhi,
Piya veer'a vimas'a me, Aaqil'a wiya uJhi,
Korriyan jee kareem'a ree, weyi mat munjhi,
Hik'a Beejaliye BuJhi, Bee khabar'a Aa'he khanghar khe.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو…
- (بيت) دَرَبانِي دَرُ کولِ، آئُون پَرَديسِي…
- (بيت) رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان…
- (بيت) سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي…
- (بيت) مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ…
- (بيت) ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ…
- (بيت) ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،…
- (بيت) ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين…
