Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي ماتام ۽ موڪلاڻي جو بيت
تانُ نَہ آھي تَندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ،
ھَڻندَلَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀَڪو چئَي سازُ،
سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهو ساز واري تند (تار) جو تان (سرگم) نہ آهي پر اهو اونهو راز يا ڳجهہ آهي جيڪو پاڻ ٿو آواز ڪري (وڄائيندڙ جي ڪمال ڪاريگري آهي). ٻاهر سڀ ڪوئي چوي ٿو تہ ساز ٿو وڄي، پر حقيقت ۾ اهي وڄائڻ واري جا هٿڙا آهن جيڪي هو ساز تي هڻي ٿو. (ڪاريگري وڄائيندڙ جي آهي ۽ ساراھ بہ وڄائيندڙ کي جڳائي). شهباز وانگر وڏي قوت ۽ طاقت وارو ٿيءُ تہ ٿوڪ (مقصد) پرائين يعني تہ ڪا ڪم جي ۽ قيمتي شيءِ توکي هٿ اچي (ن.ب)
[’باز‘ ۽ ’شهباز‘ کي مثنوي روميءَ ۾ عارف جي تمثيل طور پيش ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
چون در معني زني بازت کنند،
پر فکرت زن که شهبازت کنند.
(دفتر اول، ب- 2870)
معنيٰ: تون جڏهن معنيٰ (ذات) جو دروازو کڙڪائيندين تہ توکي باز بنائيندا. تون اهڙي فڪر جا کنڀ هٿ ڪر تہ شهباز ٿئين.
ٻئي هنڌ جڏهن هڪ باز چٻرن جي ويرانيءَ ۾ وڃي ڦاسي پوي ٿو تہ چوي ٿو:
يک دمم با جعدها دمساز کرد،
از دم من جغدها ’باز‘ کرد.
در من آويزيدتا نازان شويد،
گرچه جغدانيد شهبازان شويد.
(دفتر دوم، ب- 411163)
معنيٰ: مون کي (اصلي بادشاھ) ٿوريءَ دير لاءِ چٻرن سان گڏ ڇڏي ڏنو آهي،تہ جيئن هو منھنجي صحبت منجهان سبق پرائي ’باز‘ بنجي پون. توهان منھنجي ويجهو اچي ويھو تہ توهان جو مان مٿي ٿئي. ڀلي توهان چٻرا هجو، پر توهان شهباز ٿي پوندؤ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 2019
تَانُ نَہ آَهٖيْ تَندُّ جُوْ رُنْ رُنْ ڪَرٖيْ رَازُ﮶
هَننَّدَلَ سَندَا هَٿَرَا سَڀَڪُوْ چَوٖيْ سَازُ﮶
سَٽَ ڎٖيْئِيْ شَھْبَازُ ٿِيُ تَٿُوْڪُ پِرَائِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तानु न आहे तंदु जो। रूं रूं करे राज़ु।
हणंदल संदा हथड़ा। सभको चए साज़ु।
सट डे॒ई शह्बाज़ु। थीउ त थोकु पिराइयें।
ROMAN SINDHI
Taan'u na aahy tand'u jo, roon roon kare raaz'u,
Hanndl'a sanda hathrra, sabhko chaye saaz'u,
Satt'u Deyi shehbaz'u, thi'u ta thok'u pirayeen.
TRANSLATIONS
The credit for this bewitching music should not go to the instrument. It is the revelation of the Divine secret through it that makes it so. Though the music emanates from the violin, yet the secret of its success lies in the hands of its player. You have the makings of becoming a royal falcon to work wonders. Only a serious effort on your part is necessary. If you make it(and you have the freedom of will to do it), you will have the costly goods in the bargain (i.e. immortal life).
Note: ln this verse Shah seems to have hinted that a human being is a mere instrument in the hands of Allah, yet he urges that a human effort for achieving success is sine qua non.
ماچوں نائیم و نوا در مازتست
ماچوں کوہیم و صدا در باز تست
(Roomi)
We are like a flute and the music within us is from you. We are like a mountain and the echo comes from you.
But what is the role of the person in whom this drama is enacted? Ghazali's reply is that he is only the stage and the only actor on the stage is Allah (The Metaphysics of Roomi).
در توکل جہد و کسب اولیٰ تراست
تا حبیب حق شوی ایں بہتراست
(Roomi)
Effort is essential even when you commit your affairs to Allah. That way you shall be a friend of Allah.
strings hold no other secret but with
Divine message vibrate,
Through bard's skill and not just by sound of strings,
Responds like a falcon, be quick and fly to increase your worth.
It is not the music, it is some mystery vibrating in the cods,
Though all tell it be the fiddle but it the hands of the fiddler,
Pounce like a falcon to gain the precious.
بيجل يقول: هذا ليس بلحن سلك العزف ولاكن سر إلهي بنفسه إنين يئن.
كل واحد يسميه صوف الموسيقا والطرب ولاكن هذه أعجوبة أيدي العازف.
هرول وإسرع كن صقرا تحصل حياة أزلية.
وهذه الحياة غالية وعالية.
تان چنگ دی جیہڑی نکلی ربی راز بتاوے
لوکیں آکھن منتا کوئی پھردا ساز بجاوے
بن شہباز تے مار اُڈاری وست اگوچر لبھے
تیرا مضراب تار ساز پہ تھا
رگِ گردن پہ چل رہی تھی چھری
چھین لی سحر آفریں ہو کر
تیرے نغموں نے زندگی میری
اے مغنی مگر تری فطرت
مطمئن ہی رہی، چہ بوالعجبی
ساز کی یہ آواز نہیں ہے، گونج رہا ہے راز،
کیا جانیں یہ دنیا والے، اس کو سمجھیں ساز،
جھپٹ کے جوں شہباز، پا لے جو ہے پانا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو…
- (بيت) جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو…
- (بيت) جَو تو ڏِيَڻُ ڏِياچَ ڀانيو،…
- (بيت) جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري،…
- (بيت) جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين،…
- (بيت) جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين،…
- (بيت) جَي ميراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻ…
- (بيت) راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن…
- (بيت) راجا راتِ رَمِ ڳيَو، جُهونا…
- (بيت) سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ…
- (بيت) سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما…
- (بيت) سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما…
- (بيت) وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ…
- (بيت) ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ…
- (بيت) ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان…
- (بيت) ڏِيَڻُ گهَڻو ڏُھِلو، سِسِي ڏيَڻُ…
- (بيت) گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ…
- (بيت) گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو…
- (بيت) گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي…
