رازُ بابت
معنيٰ
لِڪل ڳالهہ، ڳُجهہ، ڀيد، اسرار. لِڪ. منجهہ.
Secret, confidential, enigma
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري، دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري، طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو، آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ، سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ، ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون، رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ، ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ، صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- تانُ نَہ آھي تَندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ، ھَڻندَلَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀَڪو چئَي سازُ، سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيءُ تَہ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو، رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]