Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
Literary Analysis
| Analysis: Humankind, frail before life’s tempests, seeks refuge in humility, as Bhittai poignantly sings. We entrust ourselves to a higher mercy, forging bonds of care among the weary, even as power often withholds grace. Echoing Lao Tzu’s wisdom in the Tao Te Ching, where yielding brings strength, Bhittai’s verse teaches that humility and the quest for protection kindle resilience, uniting every heart, from wanderer to worshiper, across time and place. |
| Themes: HumilityProtection |
| بنيادي خيال: عاجزيامن امان |
- سُر سورٺ جَي حاضر آھي سِر جو بيت
سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ،
رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ خَلِيلَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
آءٌ سرديءَ ۾ تندرست توانو نٿو رهان ۽ گرميءَ ۾ وري بي حال ۽ پريشان ٿي وڃان ٿو.(منھنجو ڪو حال ڪونهي) تون مون کي پناھ ڏي ۽ سلامتيءَ ۾ رک. باقي منھنجو ڪم سوالي بنجي ساز تي صدا هڻڻ آهي. (اي مالڪ) هن رباب جي ساز وڄائيندڙ کي پنھنجي خاص دوست (حضرت ابراهيم خليل الله) وارو راز نصيب ڪر (جنھن الله جي حڪم هيٺ پنھنجي فرزند حضرت اسماعيل کي قربان ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو هو) .
[هن بيت ۾ خالص راز جو اشارو مثنويءَ ۾ ’ابوبڪر ربابيءَ‘ ڏانھن ٿي سگهي ٿو:
شاه ز آن اسرار واقف آ مده،
همچو بوبکر ربابي تن ز ده.
(دفتر دوم، ب- 1573)
معنيٰ: بادشاھ جڏهن ان راز کان واقف ٿيو تہ ابوبڪر ربابيءَ وانگر بلڪل خاموش ٿي ويو. ابوبڪر ربابيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هواصل ۾ ڳائڻو هو، پر خدا جو لڪل ولي يعني دوست هو. چون ٿا تہ هن پورا ست سال ڪجهہ نہ ڳالهايو، جڏهن ڪو کيس ڇيڙيندو هو تہ ان جي جواب ۾ زمين تي لٺيون هڻندو هو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 1966
سَرْدِيَ سَالِمُ نَرَهَان کَرْمِيَ ٿِيَان کُدَازُ﮶
اَمْنُ ڎٖيْـجِ اَمَانُ تُنْ سَائِلَ هَنٖيْ سَازُ﮶
رَبَابِيَکٖيْ رَازُ ڪُوْ خَالِقَ ڎٖيْـجِ خَلِيْـلَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सर्दीअ सालिमु न रहां। गर्मीअ थिआं गुदाज़ु।
अमुनु डे॒जि अमानु तूं। साइलु हणे साज़ु।
रबाबीअ खे राज़ु। को ख़ालिक़ डे॒जि ख़लील जो।
ROMAN SINDHI
Sardee'a salim'u na rahan, garmee'a thiyan gudaz'u,
Aman'u Dej aman'u toon, Sayl'u hannee saaz'u,
Rababi'a khe razz'u, ko khaliq Dej khaleel'a jo.
TRANSLATIONS
I do not keep fit during winters nor can I bear the perspiring summer. Kindly afford security to this fiddler while he follows his vocation (against his enemies). Be gracious to grant to this violin player the confidence or treatment meant exclusively for a friend (like Hazrat lbrahim).
Note: The vocation may mean the Prophetic mission.
And Allah will protect you from men. (67, Al-Maidah).
"I remain unwell in heart, cold makes me sick,
Give me safety, this is the burden of what I sing,
The secret pleasing you, to me unfold, for that I long."
Cold weakness me, heat melts me,
This supplicant seeks your protection by playing fiddle,
Confide secret in the fiddler as to a close friend.
أنا غير مؤمنة فى أيام الشتاء وأصير نحيلا فى ايام الصيفوالحر.
أمنني من عذاب وعقوبة أنيراء.
هذا السائل يدق على المزهر.
أرشدوعلم هذا المظرب سراغا مضا مثل خليل اﷲ المتعال هو نبينا إبراهيم عليه الصلوة والسلام.
سردی ٹھارے گرمی مارے جھل نا سکدا کائی
شرن آئے دی رکھ وکھالی جان عزابیں آئی
گجھا بھیت خلیل(٭) دا راؤ ایہہ ربابی ایس نوں
(٭) خلیل = دوست، مِتر ، حضرت ابراہیم نوں خلیل اللہ آکھا جاندا اے۔
سرما میں تو رہوں نہ سالم، گرمی کرے گُداز،
مجھے امان میں اپنی رکھیو، سائل! چھیڑ کے اپنا ساز،
تجھ سے کہوں وہ راز، خالص ہے جو خلیل کا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا…
- (بيت) جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ…
- (بيت) جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ…
- (بيت) جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو…
- (بيت) سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي…
- (بيت) مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ…
- (بيت) مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين…
- (بيت) مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ…
- (بيت) ٻيلي ٻَئِي پارَ، جانۡ مُون…
- (بيت) پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون…
- (بيت) پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو…
- (بيت) چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ…
- (بيت) چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ…
- (بيت) چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ…
- (بيت) چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي…
- (بيت) ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي،…
