Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي حاضر آھي سِر جو بيت
جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي منگتا، اي چارڻ، ڏياچ جھڙو راجا توکي ڏھ ڀيرا ڇا بلڪہ ان کان وڌيڪ تنھنجي ساراھ ڪري ۽ شاباس ڏئي ٿو (اها شاباس ميار جي زمري ۾ ڏنل آهي)، ڇو جو تو اهڙي سِر جي طلب ڪئي آهي، جنھن سان بظاهر هڪ ننڍڙي مرچ يعني ذري جيترو مال بہ توکي ڪونہ ملندو. سو جيڪڏهن توکي منھنجي مٿي جو خالي هڏو يعني مٿو گهرجي ٿو تہ آءٌ هڪ دفعو ڇا ويھ ڀيرا وڍي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان!
[مثنوي روميءَ ۾ مرشد جي هٿ تي سِرُ قربان ڪرڻ جو خيال هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
گر يکي را سر ببرد از بدن،
صد هزاران سر برآرد در زمن.
(دفتر اول)
معنيٰ: جيڪڏهن هو ڪنھن جي بدن تان هڪ سِرُ ڪاٽي ٿو تہ ان جي بدلي ۾ ساڳيءَ گهڙي لکين سرن سان نوازي ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 1984
جَاجِڪَ تُوْ جُهَارَ ڎَہْ ڀٖيْرَا ڎِيَاچُ ڎٖيْ﮶
جَھِم﮼ مَالُ نَمِرِيَ جٖيْتِرُوْ تِهْ تُنْ طَمَعَدَارُ﮶
جٖيْ اَچٖيْ ڪَمِ ڪَپَارُ تَوِيْهَ ڀٖيْرَا وَڊِيْ ڎِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जाजिक तो जुहारु। ड॒ह भेरा डि॒याचु डे॒।
जंहिं में मालु न मिरीअ जेतरो। तिंहं तूं तमादारु।
जे अचे कमि कपारु। त वीह भेरा वढे डि॒यां।
ROMAN SINDHI
Jajik'a to juhar'u, Dah'a bhera Diyach'u De,
Jehn me maal'u na miree'a jetro, tehn toon TamAdar,
Je ache kam kapaar'u, ta weeh'a bhera waDhhy Diyan.
TRANSLATIONS
The king said: O bard! I salute you ten times. You want an empty skull which has no value, not even that of a single pepper grain. But if it serves your purpose, I am prepared to offer it to you twenty times (quite unhesitatingly).
Note: Rewrite تنهن تون as تون تنهنجو in the last stanza.
"Bard! I salute you ten time", says the king,
You ask for that head which is not one grain of pepper's worth,
If you are in need of my head, I would offer it ten times.
Dyach greets you with salutation ten times a day, O bard,
You demand head which isn't worth a grain of pepper,
If the empty skull be off any use to you, I will cut it twenty times.
الملك يقول البيجل: يا راعى الغنم ملحن!
الملك دياج: يسلم عليك عشر مرات!
اللحن لا ينفع بتاتا أنت صرت طالبا وسائلا له لو ينفع لك رأسي أنا أقطع رأسي وأعطيك عشرين مرة.
ڈیار کہے میں صدقے جاواں تینوں سیس جھکاواں
کوڈی مُل دا سر توں منگے میں حیرانے جاواں
ویہہ واری سر وڈھ کے دیواں کم تیرے جو آوے
تجھ کو کہوں جُہار، دن میں دس دس بار،
جس سر کا ہے مول نہ کوئی، وہ سر مانگے یار،
سر داروں سو بار، کام تیرے گر آئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ…
- (بيت) جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ…
- (بيت) جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو…
- (بيت) سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي…
- (بيت) سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ…
- (بيت) مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ…
- (بيت) مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين…
- (بيت) مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ…
- (بيت) ٻيلي ٻَئِي پارَ، جانۡ مُون…
- (بيت) پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون…
- (بيت) پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو…
- (بيت) چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ…
- (بيت) چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ…
- (بيت) چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ…
- (بيت) چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي…
- (بيت) ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي،…
