جاجِڪَ بابت
معنيٰ
راڳيندڙ، وڄائيندڙ، ڳائيندڙ، ڳائڻا. منگتا، پينا، گداگر. (آڳاٽي وقتن ۾ جاجڪ مرڻن پرڻن تي اچي ڳيچ يا اوسارا ڳائيندڙ. لاڏِر، رودالي)
Class of Hindus who beat the damuru and performs other office in connection with the Brahman at marriages and deaths.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَٿو مَٿانئِي گهورِيان، مَٿو تو مَٿان، ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَھِلو جا، تُون سين اَنِيراءِ، واچا ۾ وِلِهو ٿِيين.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ، وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ ڪِي آءُ مَ ڳاءُ، جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ، تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ، سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين، ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جاجِڪَ ڄاڻَنِ جَا، سا پَرِ آئُون نَہ سِکِئو، پاٺَ نَہ نِينِمِ پاڻَ سين، سَڳا جٖي سِياءَ، سُڻُ رُونجهاڻِي راءَ، تو…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا سَوار سازَ کَڻِي، تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ، تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]