خالِقَ بابت
معنيٰ
اي پيدا ڪندڙ، ڪرتار، سرجڻھار، خلقڻھار، خلقيندڙ، پروردگار، خداتعاليٰ. (الله تعاليٰ جي صفاتي نالن مان هڪ نالو.)
O! Creator! manufacturer, founder
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]