Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي ماتام ۽ موڪلاڻي جو بيت
ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ،
تَنھِن جِھوئِي ناھِ ڪِي، جِيئَن تو چارَڻَ ڪِئو پَنڌُ،
اِيءُ شُڪُرُ اَلحَمدُ، جِيئَن مَٿو گهُرِيئي مَڱڻا.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي ٽيئي يعني هڪ ساز جو آواز ٻيو ڪپڻ وارو ڪات ۽ ٽيون راءِ ڏياچ جو ڪنڌ، اهي سڀ همراز ۽ هڪ ٿي ويا (ذات ۽ صفات جو هم آهنگ ٿيڻ) . (راءِ ڏياچ مڱڻي کي مخاطب ٿي چيو) پر تنھنجي هتي هلي اچڻ جو احسان سڀني کان وڌيڪ آهي. اي چارڻ، الله جو شڪر ۽ ساراھ ٿو ڪريان جو تو مون کان رڳو مٿو گهريو. (جيڪو مون وٽ آهي، ڏيئي سگهان ٿو ۽ ڏيان ٿو، پر جي ڪا اهڙي شيءِ گهرين ها جيڪا مون وٽ نہ هجي ها تہ وڏو لاچار ٿي پوي ها. ن.ب)
[مثنويءَ ۾ ذات ۽ صفات جي وحدت يا ٻين لفظن ۾ تعنيات جي کڄي وڃڻ واري مفھوم کي ڪيترن ئي نمونن سان بيان ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
هم تو شاه هم تو لشکر هم تو بخت،
هم تو نيکو بخت باشي هم تو بخت.
(دفتر چهارم، ب- 1108)
معنيٰ: تڏهن تون پاڻ بادشاھ آهين، لشڪر آهين ۽ پنھنجي قسمت پاڻ آهين، تون ئي پاڻ نيڪ بخت بہ آهين تہ پنھنجو بخت بہ پاڻ آهين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 1997
ٽٖيْئِيْ پَرْچِئَا پَانَم﮼ تَندُ ڪَٽَارُوْ ءٍ ڪَنڌُّ﮶
تَهِ جِھُوْ ئِـے نَاهِڪٍ جِنْ تُوْ چَارَنَ ڪِئُوْ پَنڌَ﮶
اِيُ شُکْرُ اَلَحَمْدُ جِنْ مَٿُوْ کُرِيُئِيْ مَکَنَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
टेई पर्चिआ पाण में। तंदु कटारो एं कंधु।
तंहिं जिहोई नाहि की। जीअं तो चारण किओ पन्झु।
ईउ शुक्रु अलहम्दु। जीअं मथो घुरियई मङणा।
ROMAN SINDHI
Tteyi parchya pann me, tand'u kattaro aen kandh'u,
Tehn jehoyi naah ke, jean to charan kayo pandh'u,
Aee'u Shukr'u Alhamd'u, jean matho ghuryaee mangnna.
TRANSLATIONS
All the three settled it between themselves - the instrumental chord, the dagger, and the royal head. O minstrel! What you came here for was hardly worth the journey you undertook. O bard! all praise to Allah that you asked me only for my head, (which I can afford to part with).
Blade, string and head have reconciled,
"There is no better than your coming to this place,
You ask for my head and not what I could not give God be praised"
The cord, the dagger and the neck, all three reconciled,
What you have come for is not worth the journey you undertook,
Thanks to God that you have asked for my head.
سلك مزهر بيجل وساطوره ورأس راء دياج كل ثلاث تصالحوا بيهم أي تصالحوا على قطع رأس راء دياج.
راء دياج يقول! يا راعي الغنم ملحن!
أنت مشيت وسافرت وحضرت هنا هذه كرامة لا مثيل لها فى الكون.
يا عازف! الحمد ﷲ وشكره! أنت طلبت مني رأسا فقط.
لو طلبت شيئا آخر يمكن لم أستطع أن أسلمك.
تِن رل مل راضی ہوئے گردن تار کٹاری
تیرے ورگا کو نا چارن آیا پینڈے ماری
رب سچے دا شکر کراں میں منگ کیتی تیں سر دی
اب یہ گردن ہے اور یہ خنجر ہے
اور ترے روبرو مرا سر ہے
جس کی خاطر سفر کیا تو نے
کوئی ایثار اس سے بڑھ کر ہے
ملک مانگا نہ مال و زر مانگا
جانے کیوں تو نے صرف سر مانگا
تینوں مل کر ایک ہوئے، سر ، کٹاری، تار،
سر کا ایسا مول نہیں کہ کاٹے مانگن ہار،
اچھا ہے کہ یار! مانگا ہے سر مجھ سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تانُ نَہ آھي تَندُ جو،…
- (بيت) تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو…
- (بيت) جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو…
- (بيت) جَو تو ڏِيَڻُ ڏِياچَ ڀانيو،…
- (بيت) جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري،…
- (بيت) جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين،…
- (بيت) جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين،…
- (بيت) جَي ميراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻ…
- (بيت) راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن…
- (بيت) راجا راتِ رَمِ ڳيَو، جُهونا…
- (بيت) سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ…
- (بيت) سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما…
- (بيت) سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما…
- (بيت) وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ…
- (بيت) ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان…
- (بيت) ڏِيَڻُ گهَڻو ڏُھِلو، سِسِي ڏيَڻُ…
- (بيت) گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ…
- (بيت) گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو…
- (بيت) گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي…
