ڪَٽارو بابت
معنيٰ
وڍڻ جو هڪ نوڪدارُ اوزار، خنجر، ڀالو ڏڦو، ڪٽاري، ڪٽار، کنو، نيمچو، ننڍي تلوار، ڪرپان.
A knife, dagger, a cutting tool, sword.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ، سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄامَ جي، دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ، تَنھِن جِھوئِي ناھِ ڪِي، جِيئَن تو چارَڻَ ڪِئو پَنڌُ، اِيءُ شُڪُرُ اَلحَمدُ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]