Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي ڏنو سر ڏياچ جو بيت
ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ،
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 26 سيڪڙو
سمجهاڻي
راجا جي محلات هيٺان بيھي چارڻ چنگ جي ساز کي اهڙو تہ ڀرپور طريقي سان وڄايو جو جهنگ جا جانور بہ ان لئي تي مست ٿي پيا ۽ هنن تي پڻ ساڳيو رنگ چڙهي ويو. ٻيجل کي اهو اهڙو موقعو يا وجهہ ملي ويو جو راجا کي راضي ڪري ورتائين. (راجا دل و جان سان سِر ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو.)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
माड़ीअ हेठां मलूक जे। चारण चोरिओ चंगु।
मिरूं पिआ उति मामिरे। रेधा पसी रंगु।
बी॒जलु लधो बं॒गु। राजा ते राज़ी थिओ।
ROMAN SINDHI
Marri'a hethhan malook je, charann choryo chang'u,
Miroon piya ut mamry, redha passy rang'u,
Beejal'a ladho Bang'u, raja te razhi thiyo.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو…
- (بيت) دَرَبانِي دَرُ کولِ، آئُون پَرَديسِي…
- (بيت) رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان…
- (بيت) سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي…
- (بيت) مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ…
- (بيت) مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا…
- (بيت) ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ…
- (بيت) ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،…
- (بيت) ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين…
