Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي ڏنو سر ڏياچ جو بيت
ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ،
جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين اِحسانَ،
اَلتحِياتُ للہِ والصَلَواتُ والطيباتُ ، چَئِي ساراھيائين سُبحانَ،
جِھَڙو ڀَلو ڀانُ، تِھَڙا ڏانَ ڏِياچَ جا.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڪيترائي ڳائڻ ۽ ساراهڻ وارا آيا، جن شاهي ڪوٽ جي ٻاهران بيھي ظاهر ظھور ڳايو ۽ وڄايو. پر هيءُ معتبر منڱڻو محل جي بلڪل اندر ايوان ۾ اچي پھتو جو مٿس مالڪ جي حد کان وڌيڪ مهرباني هئي. ’سڀ ساراهون هڪ الله لاءِ ۽ صلواتون ۽ مرحبائون آهن‘، ائين چئي هو مالڪ جي ثنا پيو ڪري. بيشڪ جھڙو لائق ۽ ڀلي ۾ ڀلو اهو منڱڻو پاڻ هو، اهڙائي انعام اڪرام ۽ نوازشون مٿس مالڪ مهربان ڪيون.
[مثنوي روميءَ ۾ معراج جي پس منظر ۾ ’التحيات‘ جي باري ۾ هيءُ شعر ملي ٿو.
درتحيات و سلام صالحين،
مدح جمله انبياآ مدعجين.
(دفتر سوم، ب- 2122)
معنيٰ: التحيات ۾ (نبي پاڪ کان سواءِ) ٻين صالحن لاءِ پڻ سلام ۽ سڀني نبين جي ساراھ شامل آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कोड़ियें कीरतिआ हुआ। भतो भतें भान।
जनि थे ग॒ड़हां बा॒हरि गा॒यो। ज़ाहिरु साणु ज़िबान।
हीउ मन्झि पेठो मङणू। अपरि सें इह्सान।
अतहियातु लिलाहि वसलवातु वतयिबातु। चई साराहियाईं सुब्हान।
जिहड़ो भलो भानु। तिहड़ा डा॒न डि॒याच जा।
ROMAN SINDHI
Korriyan keeratiya hua, bhato bhatiyan bhaan'a,
Jan the ggarrhan Bahar'e ggayo, Zahir'u saann'u zibaan'a,
Hee'u manjh peethho mangnno, apar seen ehsaan'a,
AltHyatullah wasalwat'u wataybat'u chae sarhiyaeen subhan'a,
Jehrro bhalo bhaan'a, tehrra Daan'a Diyach'a ja.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو…
- (بيت) دَرَبانِي دَرُ کولِ، آئُون پَرَديسِي…
- (بيت) رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان…
- (بيت) سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي…
- (بيت) مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ…
- (بيت) مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا…
- (بيت) ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ…
- (بيت) ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين…
