اِحسانَ بابت
معنيٰ
مھرباني، مِھِرَ، ٿورو، ڀلائي، وڙ نيڪي. ڪَرمُ، ٻاجهہ.
Good deed, virtue, beneficence, favour, kindness, conferring of obligation.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ، آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ، ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ، جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ، ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ، سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ، ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، نِتُ ٽِمايَمِ نيڻَ، تَمَرُ بُرَ بِريان اُنِ جا، کاڄَ خُرما…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]