Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سورٺ جَي سائل در آئيو جو بيت
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي،
راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي،
ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
ٻيجل پوريءَ سُرت ۽ ساڃاھ سان ساز جي لئي کي تمام مٿي کڻي وڏي آواز سان هم آهنگ ڪري وڄايو. راجا پنھنجي محلات ۾ اهو آواز (سِر جي صدا کي) ٻُڌي دل ئي دل ۾ ان صدا کي پورو ڪرڻ جو وچن ڪيو. تڏهن راجا وڏي محبت ۽ قرب مان ٻيجل کي پنھنجي ڪوٽ اندر قرب واري (خاص حاضريءَ ۾) سڏائي ورتو. بس پوءِ راجا ۽ اهو راڳيندڙ ٻيئي گڏجي هڪ ٿيا. (انهن جي وچ ۾ ڪو پردو نہ رهيو).
[مثنوي روميءَ ۾ وحدت الوجود جي سمجهاڻي مخصوص انداز ۾ ملي ٿي. جيئن هن بيت ۾ اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي:
نہ دو باشد تا توي صورت پرست،
پيش او يک گشت کز صورت برست.
(دفتر اول، ب- 475)
معنيٰ: نہ، اهي ٻہ تيستائين آهن جيستائين تون صورت (صفات) جو غلام آهين. جڏهن تون صورت کان آجو ٿيندين تہ اهي ٻيئي هڪ (ذات) آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 1968
نِرْتِيْ تَندُّ نِيَازَس﮼ ٻِيْجَلَ ٻُرَائِيْ﮶
رَاڃَا رَتُوْلَنِم﮼ وَرَنَائِيْ وَائِيْ﮶
ڪُوْٽَايَاءٍ ڪُوْٽَم﮼ ٻَارِٽُ بَاڄَائِيْ﮶
رَاڄَا رَاکَائِيْ هَرْدُوْئِيْ هٖيْڪُ ٿِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
निर्ती तंदु नियाज़ सें। बी॒जल बु॒राई।
राजा रतोलन में। वरनाई वाई।
कोठायाई कोट में। बा॒रटु बा॒झाई।
राजा रागा॒ई। हरदोई हेकु थिआ।
ROMAN SINDHI
Niriti tand'u niyaaz seen, Beejal'a Buraee,
Raja ratolan me, warnaee waee,
Kothhayaeen kott me, Bartt baJhaee,
Raja raggaee, hardoi hek'u thiya.
TRANSLATIONS
Bijal concentrated with all humility and then played the instrument. The sovereign responded to it from within the palace. Very graciously he called in the minstrel; he and the musician became one in privacy.
With humility and care, the bard played on his strings,
The gracious king in the palace sent for him,
Lost in music, bard and the king became one.
In modesty Beejal struck the cords,
The king responded from the palace,
Graciously called him in the citadel,
Thus the king and the bard become one.
مٹھی تان سُریلی نچی بیجل تار ہلائی
واہ واہ آکھے راجا محلیں کیتی بہہ وڈیائی
سدلیا اوس چارن اندر قدر راگ دی پائی
قدر دان تے قادر فن دا دونوں کٹھے ہوئے
گونج اٹھا ہے نشہ آور ساز
دیکھ ’بیجل‘ ہے زمزمہ پرداز
خود فراموش ہو گیا راجا
سن کے سائل کی سرمدی آواز
اور آخر طلب کیا اس کو
خلوتِ خاص میں بصد اعزاز
مٹ گیا فرق ما و تو یکسر
سوزِ نغمہ ہوا اثر انداز
بھید کیا تھا کسی کو کیا معلوم
کس طرح دونوں ہوگئے ہمراز
سوچ کے پھر اس سائل نے، عجز سے چھیڑی تار،
راجا رنگ محل میں اپنے، سُروں سے تھا سرشار،
مہر سے پھر تو رنگ محل میں، بلوایا گن کار،
راجا، موسیقار، دونوں مل کر ایک ہوئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾…
- (بيت) اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو…
- (بيت) راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ…
- (بيت) ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ…
- (بيت) نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي…
- (بيت) ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي،…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو…
- (بيت) پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو…
- (بيت) ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ…
- (بيت) ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ…
