Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار جو بيت
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون بُوءِ،
وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 51 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُهي ڪاپڙي کائڻ پيئڻ کان بيزار آهن، البت بک جي بوءِ چکن ٿا (بک کين وڻي ٿي). اهي جوڳي صبح جي ناشتي يا ڪجهہ کائڻ پيئڻ بنا پنھنجي جوءِ مان نڪري هليا ويا. هو ڏکن کان آجا آهن (بيماري ۽ غم کان ڇٽل آهن). هو برسات جي مند ۾ بہ غمن سان گڏ گذارين ٿا. (موسم جي تبديلي ۽ خوشحاليءَ جو مٿن ڪو اثر ڪونهي)
[مثنويءَ ۾ رومي هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشقي کز عشق يزدان خورد قوت،
صد بدن پيشت نيرزد تره توت.
(دفتر پنجم ب 2708)
معنيٰ: اهو عاشق (درويش، سالڪ) جيڪو الاهي عشق جو طعام کائي ٿو، هن جي آڏو ٻيا سوين طعام وڻن جي پنن برابر بہ نہ آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
क़ूत कड़ाया कापड़ी। बुख चखिआऊं बूए।
विआ नेराना निकिरी। जोगी॒ मन्झां जूए।
अवसरि आसा ऊए। उठे गूंदरि गडि॒आ।
ROMAN SINDHI
Quat'ta ka'raya kap'rey, bukh'a cha'khiaon bhu'a,
We'ia nera'na nik'rey, joG'ey mu'hanja'a ju'a,
A'osar aasa a'oh, Uth'eiy Gunda'r gaD'ia.
TRANSLATIONS
The holy men are always satiated and nonchalant in respect of food. They have developed a taste for hunger and subsist on its smell. Usually they leave their camp without breakfast. Being destitutes they are carefree, nay, they relieve themselves even of nothingness. They welcome hardship (or penance) in alI forms.
طعام سے ہیں بیزار، بھوک کا لیا مزہ،
خالی پیٹ ہی لاد چلے ہیں، چھوڑ گئے یہ جا،
درد انہوں نے پایا، ملی نجات تکلیفوں سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ…
- (بيت) جوڳي جاڙَ ڪَري، مُون ڀورِيءَ…
- (بيت) جوڳِي ھُئا جِتِ، سو ماڳُونِ…
- (بيت) سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو…
- (بيت) پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ…
- (بيت) کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون…
