Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار جو بيت
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُهي ڪاپڙي کاڌي پيتي (پيٽ پوڄا) کان ڀڳل آهن. هو طعامن کائڻ ۾ دلچسپي ڪونہ ٿا رکن. هنن جوڳين برپٽ بيابان ۾ صدا هنئي آهي جتي ڪا وسنءَ ۽ آبادي ڪانهي. هو ڪنھن جا دوست ۽ سنگتي ناهن. هو ڏک ۽ ڏڪر جي آسري تي پيا تڳن ۽ مينھن جي موسم ۾ پاڻ کي ڏکن جي حوالي ڪن ٿا.
[روميءَ وري هينئن چوي ٿو:
عشق باشد لوت پوت جانها،
جُوع ازين رويست قوت جانها.
(دفتر سوم ب 3024)
معنيٰ: عشق ئي عاشقن لاءِ هر قسم جو طعام آهي، انهيءَ ڪري بک هنن جي روح جي غذا آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2668
قُوْةَ ڪَرَايَا ڪَاپَرِيْ طَعَامِ نَطَمَعْدَارَ﮶
سٖيْنَ هَيَاءٌ سُڃَّم﮼ جُوْکِيْ ٿِيْنِ نَيَارَ﮶
اَوَسَرَ جِيَ آَڌَارَ اُٽٖيْ کُندَرِ کَڎِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
क़ूत कड़ाया कापड़ी। तआमि न तमअदार।
सेन हंयाऊं सुञ में। जोगी॒ थीनि न यार।
अवसर जीअ आधार। उठे गूंदरि गडि॒आ।
ROMAN SINDHI
qoowat'a karraayaa kaaparri, ta'aam'a na tama'adaar'a,
saen'a hanyaa'oo'n sunj'a mayn, joggi theen'ay na yaar'a,
awasara'a ji'a aadhaar'a, uthhay goondar'ay gaddi'aa.
TRANSLATIONS
These nomads are not inclined to food much less to epicurism. It is only nothingness which they solicit (from Allah). That is so, because they consider none (except Allah) as their friend to relieve them of their real requirements. They depend upon (or they are used to) poverty (and fasting), and they welcome hardship (or penance in all forms).
طلب نہیں ہے طعام کی، طعام سے ہیں بیزار،
صدا لگائیں ویرانوں میں، کسی کے نہ وہ یار،
ہے مفلسی کی سے پیار، درد کی دولت پائی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ…
- (بيت) جوڳي جاڙَ ڪَري، مُون ڀورِيءَ…
- (بيت) جوڳِي ھُئا جِتِ، سو ماڳُونِ…
- (بيت) سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو…
- (بيت) پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ…
- (بيت) کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون…
