سَينَ بابت
معنيٰ
سُوالُ، صَدا، پُڪار فقير جي.
Hawking, cry of beggar.
بيتن ۽ وائين ۾
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- چوڏَھين ڏِينھِن چَلِي وِئا، جوڳِي مَٿي جُوءِ، اُتي آديسِيَنِ جِي، لَڳي سَينَ صُبُوحِ، راوَلَ اِنَهِين رُوءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو، اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]