Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار جو بيت
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کُوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ،
لِباسان لَطِيفُ چئَي، پَلِ ويراڳِي واتُ،
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَہ تيرَٿُ پَسِين تَڪِيي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي ڪاپڙي) پنھنجي پوڄا نہ ڪراءِ (پاڻ کي وڏو جوڳي سمجهي مشھوري نہ ڪراءِ)، اي شهزادا جوڳي، عام ماڻهن جي رجوعات (اچ وڃ) ۽ مڃتا کي کڏ ۾ وجهہ (ان کان پاسو ڪر). عبداللطيف چوي ٿو تہ ٻاهرين ڏيک ويک ذريعي ٻين کي برغلائڻ جون ڳالهيون ڇڏي. پنھنجي من کي ماري فنا ڪر تہ پاڻ ۾ ئي تيرٿ ۽ تڪيا ويٺو پسندين (مشاهدا ماڻيندين).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2597
پُوْڃَا ڪَارِ مَپَانَکٖيْ کُوْءِ رَاوَلَ ٻَنِ رُجَاتُ﮶
لِبَاسَا لَطِيْفُ چٖيْ پَلْ وٖيْرَاکِـےْ وَاتُ﮶
مَنُ مَارٖيْ ڪَرِ مَاتُ تَہ تِيْرَٿُ پَسٖيْ تَڪِيٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पूजा॒ कारि म पाण खे। खोए रावल ब॒नि रुजातु।
लिबासां लतीफ़ु चए। पलि वैरागी॒ वातु।
मनु मारे करि मातु। त तीरथु पसें तकिये।
ROMAN SINDHI
poojjaa kaar'ay ma paann'a khhay, khhoo'ay raawal'a Ban'ay rujaat'u,
libaasaa'n Lateef'u chae, pal'ay weraaggi waat'u,
man'u maaray kar'ay maat'u, ta teerath'u pasee'n takee'ye.
TRANSLATIONS
Do not get yourself worshipped. Fie on it! O friend! Damn public recourse to you. Latif says: “O ascetic! Abstain from making hypocritical utterance. Annihilate the self. If you do it, you shall reach your goal”.
Note: This is what a malamati dearly values.
Desire not to be worshipped, friend avoid company of those who come and go,
Guard your tongue from hypocritical words' flow,
Control all your passions, that you may reach the desired goal.
فلا تجعل الناس يعبدونك. يا حبيب حلو!
ويلا لمراجعات الناس. يا عابد!
أمسك فمك من المكر وللخداع والغش.
أهلك واعدم نفسك كي ترى نور ربك.
بے نیازی پہ حرف آتا ہے
خلق کو اپنا رازداں نہ بنا
تیری ہستی گراں بہا ہے اسے
ہر کہہ و مہ کا آستاں نہ بنا
وصل منظور ہے تو دل کے لئے
حرص کو باعث زیاں نہ بنا
کوئی منزل نہیں تمنا کی
جادۂ عمر بے نشاں نہ بنا
اپنی پوجا مت کرواتے ہو، چھوڑ دے بالک چیلے،
کہے لطیف کہ چھوڑ پہننا، تو یہ گیروے کپڑے،
تب تیرتھ پہ پہنچے، جب تو مارے من کو۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ…
- (بيت) جوڳي جاڙَ ڪَري، مُون ڀورِيءَ…
- (بيت) جوڳِي ھُئا جِتِ، سو ماڳُونِ…
- (بيت) سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو…
- (بيت) پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ…
- (بيت) کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون…
