Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار جو بيت
پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو جَي سُڃاڻَنِ،
بَرَ ۾ بِيکُ لَھَنِ، پَھَرَ نَہ پُڇَنِ ڪاپَڙِي،
رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي ڪاپڙي ڪشڪول کڻي (هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾) جيڪي ڪجهہ ٻين درن تي وڃي گهرن ٿا، ان باري ۾ جيڪڏهن کين صحيح خبر پوي ها، (تہ اصلي ڏيندڙ ڪير آهي) تہ برپٽ ۽ ويراني ۾ بہ هنن کي اهو دان ملي وڃي ها، تڏهن هو ڪنھن ڳوٺ يا وسنديءَ ۾ پنڻ لاءِ رخ نہ ڪن ها.
[روميءَ انهيءَ مفهوم کي هن طرح ادا ڪيو آهي:
گر بدانستي گدا از گفت خويش،
پيش چشم اونہ کم ماندي نہ پيش.
(دفتر دوم، ب- 500)
معنيٰ: جيڪڏهن هن پنڻ واري فقير کي پنھنجي گهرڻ جي خبر هجي ها تہ (ڪنھن کان گهري رهيو آهي ۽ ڪير ڏيندڙ آهي) سندس آڏو ڪنھن شيءِ جي ڪمي بيشي نہ هجي ها.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2693
پِنَنِ جُوْ پَٽُ کَنِيْ سُوْ جٖيْ سُڃَانَنِ﮶
بَرَ م﮼ بِيْکَہ لَهَنِ پَهْرُ نَہ پُڇَنِ ڪَاپَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पिननि जो पटु खणी। सो जे सुञाणनि।
बर में बीख लहनि। पह्र न पुछनि कापड़ी।
ROMAN SINDHI
pinan'ay jao patt'u khhanni, so jay sunjaannan'ay,
bar'a mayn beekhh'u lahan'ay, pahar'a na puchhan'ay kaaparri.
TRANSLATIONS
If those mendicants, who beg with a bowl in their hands, were to know the real human values, they too would find alms in the wilderness like these nomads who never beg from any person.
TRADITION: If a person were to know how bad it is to beg, he would never beg again.
Those who carry bowl and if they should be the knowing one,
They would get provision in desert and beg not even once.
العابدون الكذابون يحملون القدح ويتسولون لو يعرفون حقيقة وأهمية القدح يحصلون الطعام والرزق فى البراري ويرزقون فى الصحراء لو عابدون صادقون يدركون أن القدح علامة التوكل والصبر والقدح ليس للتسول.
ہاتھ میں کاسۂ گدائی ہے
دل کی ہر آرزو چھپائی ہے
دور افتادہ منزلِ جاں ہے
رازدارانہ لو لگائی ہے
دمبدم اس کا نام جپتے ہیں
روح کو جس سے آشنائی ہے
شاد ہیں یہ نجات کے طالب
اپنے دل کی مراد پائی ہے
در در بھیک جو مانگیں ان کو، ذرا بھی ہو پہچان،
دشت میں پائیں دان، کبھی نہ مانگیں بھیک۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ…
- (بيت) جوڳي جاڙَ ڪَري، مُون ڀورِيءَ…
- (بيت) جوڳِي ھُئا جِتِ، سو ماڳُونِ…
- (بيت) سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ…
- (بيت) وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي،…
- (بيت) پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ…
- (بيت) کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون…
- (بيت) ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون…
