آسا بابت
معنيٰ
آشا، آسَ، اميد، آسرو. آرزُو، مُراد، تمنا، خواهش. غرض. هڪ راڳڻيءَ جو نالو.
Hope, trust, name of a ragini or musical mode.
بيتن ۽ وائين ۾
- سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين، ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ، توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري، آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون، اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان، مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين، پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ، جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾، سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون، آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون، گهَرِ…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَرَ جَو پائي، اَڃا اُنَ کي جِيئَڻَ جو، آسانگو آھي، سُورِھُ سوچائي، جَو رُڳو ئِي رِڻِ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي پَرِيُون پَنڌُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي لَڌُمِ رَندُ، آيَلِ آسابَندُ، ڪَنھِن پَرِ ڪيچِيَنِ سان…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نَنگَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون، ڪُوڙَنِ آسانگَنِ، پَنڌان کارِيَسِ پِرِينءَ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ، سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زَبانِي، آھي آسانِي ڪَمَ پَئي ڪَلَ پَوي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِهہ ڪَري، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، وَڃِي مانَ وَري، آسائِتِيءَ آھِيان.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو، اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون بُوءِ، وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ، پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، سي ٿِئڙا ڌَڻِ ڌَڻِي، عِزَتَ آسائُنِ کي، ڏيوي گهوٽُ گهَڻِي، طاماعُنِ تَڻِي، پَسو جا پيدا ٿِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ، گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ، پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ ھَلِي پَسُ حَبِيبُ، تُرِتَ ۾ طَبِيبُ، ٿِيندو وَڏَلُ واڍوڙِيَنِ جو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ وانءُ جَکِري لائي، مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي، سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ، ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ، اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي وارو نَہ ڏي، توءِ مُنھِنجو وَلَهو، آئُون تَنھِن آساري، ويٺِي وِلِهُون گهارِيان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- آسا سَڀَ ڪَنھِين وَلَهِي، آسا ڪَنھِين مَ ٻَنگُ، ھَرَڻا ٻاڻُ مَ لَڳُ، مارِي خالِي نَہ وَري.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڇوٽِيءَ نَرِيءَ مُکِٽِيءَ تَرِيءَ، ڇوٽو ڪيھَرِ پاڻِ، گَجي تَہ گينوَرَ ھَڻي، ٻِئا مِروُن آسان.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ، ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ، ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِيُون کِنوَنِ، پائُرُ سَڀَ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مارُوءَ ري مَ مَرَنِ، اللهَ آسائِتِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]