Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام جو بيت
جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ،
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو
سمجهاڻي
جوڳين جي جهوپڙين جا ڪانا ۽ ڪاٺيون جائڦل جي ٻوٽي جي گل وانگر پيا ڏسجن. آءٌ انهن سامين کي ياد ڪري پيئي ساھ ڏيان جن جي گودڙين تي اهڙا سهڻا گل (ڀرت يا ٽڪ جا ٺهيل) آهن. اهي ڪاپڙي، اندر ۾ نهايت املهہ (مُلهہ کان مٿي انهن جو مُلهہ آهي) آهن، توڻي جو ٻاهر (ظاهري صورت ۽ شڪل ۾) ميرا ۽ گدلا (مٽيءَ سان مٽي، بڀوت) پيا نظر اچن.
[مثنوي روميءَ ۾ هڪ هنڌ اهڙن سالڪن لاءِ هينئن چيو ويو آهي:
از برائي چشم بد مردود شد،
وز برون آن لعل دود آلود شد.
(دفتر پنجم ب 3450)
معنيٰ: هو بدنظريءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي خوار ۽ ڌڪاريل بڻائن ٿا. اهي دراصل لعل (موتي آهن) جيڪي ٻاهران دونھين ۾ ڪارا آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2680
جِھْرَا ڪَنْجَہ ڪَکَرَا تِھْرَا جَائِنِ ڤُلَ﮶
تَنِ سَامِيَنِ جٖيْ سَڌَّ جَنِجٖيْ کُوْدَرِيَنِم﮼ کُلَّ﮶
اَندَّرِ مُلَّ اَمُلَ ٻَهْرِ ڪُوْجَا ڪَاپَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जिहड़ा कणिजि॒ कखड़ा। तिहड़ा जाइनि फुल।
तनि सामियनि जे सध मरां। जनि जे गोदड़ियुनि में गुल।
अंदरि मुल अमुलह। ब॒हरि कोझा कापड़ी।
ROMAN SINDHI
Jehrra kanniJhh kakhrra, tehrra jaayn Phull'a,
Tan saamiyan je sadh'a maraan, jan jee godarriyan me gull'a,
Andar mul'a amulh'a, Bahr koJha kaaprri.
TRANSLATIONS
Externally they are shabby like reeds and fuel but intrinsically they are like flowers, (or their burnt reeds and fuel are as good as a bunch of jatu flowers). Would that I were to die in my longing for these holy men, who have flowers printed on their patch-work quilts! So far appearances go, they are definitely unprepossessing, but basically they are precious gems.
Note: These ascetics are quite immune to external conditions and appearances. They are mindful of their spiritual progress only. They are typical ‘malamatis’.
Their burnt wood and sticks are bright like jasmine flowers,
I long for those ascetics whose quilt are full of eternal bowers,
Peerless gems within, ugly are their outward forms.
تتلظى وتتولع الأخشاب والحطب أضرمها العابدون مثل أزهار الشجيرة أنا أموت فى حب العابدين الذين فى أرديتهم البالية أزهار.
الزاهدون فى الباطن أعلى أفضل ولاكن فى الظاهر غير مزينين.
زیر خرقہ ہے یوں بدن ان کا
خار و خس میں چھپا ہو جیسے گلاب
گنجِ عرفاں ہے بوریا ان کا
اس میں پنہاں ہے گوہر نایاب
زیب تن کی ہے جس نے یہ گدڑی
مہرباں اس پہ ذاتِ باری ہے
کیا بتائوں میں خوبیاں اس کی
کہ یہ ملبوس خاکساری ہے
بے بہا لعل اس کے اندر ہیں
دیدنی اس کی رازداری ہے
ان کے خس خاشاک بھی ہیں، جائن پھول ہوں جیسے،
ان کی طلب نے مارا جن کے، پھول ہیں گدڑیوں میں،
اندر تو انمول ہیں، باہر میل جمی ہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي…
- (بيت) اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي…
- (بيت) بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ…
- (بيت) جوڳِينِ جي جُڳَنِ جِي، مَٿي…
- (بيت) دِلِ ڌوتائِين دُکَ سين، ڌاڳا…
- (بيت) راتِيان رُڻ جُهڻ رامَ سين،…
- (بيت) رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ…
- (بيت) رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ…
- (بيت) لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا، مُنھِنجو…
- (بيت) مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا…
- (بيت) مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي…
- (بيت) نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو…
- (بيت) ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ…
- (بيت) ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ…
- (بيت) نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ…
- (بيت) ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي…
- (بيت) ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي…
- (بيت) ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ…
- (بيت) يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ…
- (بيت) پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن…
- (بيت) ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن…
- (بيت) گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا،…
- (بيت) گُرَ جَا ڏِني گودَڙِي، مَٿي…
- (بيت) گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا…
- (بيت) گُرَ جَا ڏِنِيمِ گودَڙِي، ٿِئي…
- (بيت) گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِئا، گَهڻا…
- (بيت) ھَر ھَر اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي…
- (بيت) ھَر ھَر ڪَنِ ھَرنامُ، ڌُوَنِ…
