Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت
آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون آھِين،
وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي جيجان، هنن جوڳين جون اکيون پوريءَ طرح ننڊ ۾ لڳل ناهن (کين پوري ننڊ آهي ئي ڪانہ يعني ننڊ ۾ هنن جون اکيون پوريءَ ريت بند ناهن). هو تمام ورلي قسمت سان ڪا رات ويھي گذارين ٿا (نہ تہ هو سدائين انهيءَ حالت ۾ رهن ٿا)
[عارفن جي اهڙي حالت جو بيان روميءَ هن طرح ڪيو آهي:
خواب مي بينند دو آنجا خواب ني،
در عدم درمي روند و باب ني.
(دفتر سوم، ب-3555)
معنيٰ: اهي اوليا بيداريءَ جي حالت ۾ خواب ڏسن ٿا، ڇو تہ هو ننڊ نٿا ڪن. هو عدم جي ملڪ ۾ گهمن ڦرن ٿا، جتي کين ڪا روڪ ٽوڪ ناهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2718
آَيَلِ آَدٖيْسِيَنِ جِيٌ اَندَّ لَـکِيْ آَهِيْنِ﮶
وِهُوْ وِهَائِيْنِ ڪَا قَضَان﮼ رَاتَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आयलि आदेसियनि जूं। अध लगि॒यूं आहीन।
विहो विहाईनि। का क़ज़ाने रातिड़े।
ROMAN SINDHI
Aayal Aadesiyan joon, adh'a laggiyoon Aaheen,
Wiho wihaeen, ka Qazaani raatrri.
TRANSLATIONS
O mother! The eyes of the ascetics are half open. They rarely pass the whole night sitting. (after midnight they resume their contemplation and worship.)
آدھی کھلی ہیں آنکھیں، امن حال، ان آدیسیوں کی،
کوئی رات ہی ہوگی ایسی، جو بیٹھ گذاری ہو۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،…
- (بيت) آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،…
- (بيت) آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو…
- (بيت) اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ…
- (بيت) جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ…
- (بيت) رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي…
- (بيت) راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ…
- (بيت) سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو…
- (بيت) لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،…
- (بيت) نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،…
- (بيت) ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ…
- (بيت) ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ…
- (بيت) پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا…
- (بيت) پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي…
- (بيت) پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،…
