Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت
آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو
سمجهاڻي
آديسي پنھنجي اڳواڻ کي جهڪي ۽ نوڙي سلام ڪري موڪلائي توڪلائي روانا ٿي ويا. هنن ڪاپڙين پنھنجي دل ۾ پري پرديس وڃڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. اهي شهزادا اڳواڻ فقيراڻو (چتين لڳل) لباس ڍڪي رمندا ويا (ڪٿي ڪا پھر يا ڊاٻو ڪونہ ڪيائون).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2688
آَدٖيْسِيْ آَدٖيْسُ هِتَا ڪَرٖيْ هَلِئَا﮶
ڪَاپَرِيَنِ قَلْبَم﮼ ڪِئُوْ ڎُوْرَانٌ ڎٖيْسُ﮶
وٖيْرَاکِيْ نَىءٌ وٖيْسُ رَاوَلَ ڊَڪٖيْ رَمِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आदेसी आदेसु। हितां करे हलिआ।
कापड़ियनि क़ल्ब में। किओ डू॒राणू डे॒सु।
वैरागी॒ नऊं वैसु। रावल ढके रमिआ।
ROMAN SINDHI
Aadesi Aades'u, hitaan kare haliya,
Kaaprriyan Qalb'a me, kiyo Dooranno Dess'u,
Weraaggi naoon wess'u, rawal'a Dhhake ramiya.
TRANSLATIONS
The nomads left this place (world) after having done obeisance (i.e. after conforming with the Divine orders). They had earmarked in their view a distant place as their goal. O friend! they left on their journey (for the next world) in a new or different garb (i.e. in a coffin).
Bidding farewell to this world, yogis did depart,
Some distant land with their mind's eye they envisage,
The world- renouncing once dressed in different garment left.
العابدون أستودعوا وراتحلوا من هذه الدنيا.
الزاهدون رووا بلدا بعيدا فى قلبهم الملوك الروحانية لبسوا ثيابا جديدة انطلقوا وانصرفوا.
نوبنو جوگیوں کے جلوے ہیں
اب کسی اور بھیس میں ہوں گے
وہ یہاں سے چلے گئے افسوس
جانے کس دور دیس میں ہوں گے
جوگی آج یہاں سے، لاد گئے پردیس،
اب تو ان کے من میں، اور بسا ہے دیس،
نیا پہن کر بھیس، لاد چلے بیراگی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،…
- (بيت) آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو…
- (بيت) آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون…
- (بيت) اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ…
- (بيت) جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ…
- (بيت) رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي…
- (بيت) راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ…
- (بيت) سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو…
- (بيت) لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،…
- (بيت) نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،…
- (بيت) ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ…
- (بيت) ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ…
- (بيت) پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا…
- (بيت) پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي…
- (بيت) پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،…
