Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت
لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
جَا اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ،
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن سامين صرف لُنگ هيٺان (اوگهڙ ڍڪڻ خاطر) ڪپڙو ورائي لانگ ڪڍي. (ائين سڀ ريتيون رسمون ترڪ ڪري ڇڏيون). هنن (وضو نہ ڪرڻ جي صورت ۾) مسحي ڪرڻ واري پائبندي پڻ پوري نہ ڪئي. هنن (احديت واري) اها ٻانگ ٻڌي جيڪا اسلام کان اڳ هئي. اهي سامي سڀ سوچون ۽ خيال ڇڏي نيٺ وڃي پنھنجي مطلوب وٽ پھتا (مقصد ماڻيائون).
[هن بيت جي پس منظر طور روميءَ جا هيٺيان اشعار ڏسو:
پير ايشان اند کين عالم نبود،
جان ايشان بود در درياء جود،
پيش ازين تن عمرها بگذاشتند،
پيشتر از کشت بر برداشتند.
(دفتر دوم، ب-168-69)
معنيٰ: اهي ان وقت بہ پير (عارف ۽ هدايت يافتہ) هئا جڏهن هي جھان ئي ڪونہ هو. هنن جا روح حق جي درياءَ ۾ موجود هئا. هن ظاهري جسم کان اڳ هنن ڪيتريون حياتيون گذاري ڇڏيون هيون گويا هو وڻ پوکڻ کان اڳ ميوا کائي چڪا هئا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2689
لُنکَّہ ڪَڊِئَاءٌ لَانکَہ مُوْٽِيْ ڪَنِ نَمَسَحُوْ﮶
اِسْلَامَا اَکٖيْ هُئِيْ سَا ٻُڌَاءٌ ٻَانکَہ﮶
سَامِيْ ڇَڎٖيْ سَانکَہ کَڎِئَا کُوْرَکِہ نَاٿَـکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
लुंगु कढियाऊं लांग। मोटी कनि न मसहो।
इस्लामां अगे॒ हुई सा बु॒धाऊं बां॒ग।
सामी छडे॒ सांग। गडि॒आ गोरखि नाथ खे।
ROMAN SINDHI
Lung'u kaDhhiyaoon laang'a, motte kan na masaHo,
Islamaan agge huyi, sa Budhaoon Baang'a,
Saami chhaDe saang'a, gaDIyaa gorkhnaath'a khe.
TRANSLATIONS
Once they put on the loin cloth, which is the symbol of purity for them, they forego ablution. They have heard the call to prayer of a pre-Islamic religion i.e. they maintain the pre-Islamic traditions. These holy men have abandoned all worldly associations, and they have joined their Master Gorakhnath.
Note: These ascetics treat alike the various forms of call to prayer prescribed by different religions. MuIIan Shah’s following couplet is relevant:
مومن نشود تاکہ برابر نشود
بابانگ نماز بانگ ناقوس فرنگ
One cannot become a true believer unless he treats alike the muezzin’s call and the christian’s gong.
They need no ablution who wear the loin cloth,
They have heard the call given before Islam,
Giving up all other assistance, yogis are with gorakhnathl.
هم اتزوا بالفوطة بين أرجله ولا يتوضؤون وسمعوا الأذان الذي كان موجودا قبل ظهور الإسلام.
الزاهدون تركوا أمانيتهم وآمالهم والتقوا معهم.
طہارت شد نخستن بعد ازان حاجت نہ پندارند
بشوق آوارہ گر دیدہ بدین دوستورِ درویشان
شنیدند آن اذان کو قبل از اسلام بر آمد
چنین گشتہ بہ وصل جان جان معمور درویشان
سجدۂ شوق میں جھکی ہے جبیں
انہیں پابندیٔ وضو بھی نہیں
سن چکے ہیں وہی اذاں جوگی
قبلِ اسلام جو ہوئی تھی کہیں
اور کوئی رہا نہ ان کے ساتھ
مل گئے جب سے پیارے گورکھناتھ
اک بار لنگوٹ جب باندھا تو پھر، نہیں وضو کا دھیان،
جو اسلام کے پہلے گونجی، سن لی وہ آذان،
چھوڑے سوانگ اور گیان، ملے ہیں گورکھناتھ سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،…
- (بيت) آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،…
- (بيت) آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو…
- (بيت) آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون…
- (بيت) اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ…
- (بيت) جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ…
- (بيت) رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي…
- (بيت) راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ…
- (بيت) سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو…
- (بيت) لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،…
- (بيت) نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،…
- (بيت) ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ…
- (بيت) ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ…
- (بيت) پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا…
- (بيت) پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي…
- (بيت) پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،…
