Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت
نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،
جوڳِي جَبَروتان وَڄائي واٽَ ٿِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن جوڳين ناسوت واريءَ منزل (عام ماڻهن سان لڳ لاڳاپن يا معاشرت وارو ماحول) مان نڪري سڌو سنئون ملڪوت واريءَ منزل (الله تعاليٰ جي تخليق ۽ تخليقي ڪائنات کي سنڀالڻ واري تدبير ۽ قوت) جو رخ رکيو آهي. اهي جوڳي اڳتي جبروت واريءَ منزل (مٿانھين سالڪانہ منزل جنھن کان پوءِ لاهوت آهي) ۾ داخل ٿيا يعني هنن اها واٽ ڳولي لڌي.
[مثنوي روميءَ ۾ حضرت موسيٰ ۽ ڌنار جي آکاڻيءَ ۾ جڏهن حضرت موسيٰ هڪ ڌنار کان خدا جي عشق بابت اڻ سُهائيندڙ ڳالهيون ٻڌي ٿو تہ کيس تنبيھ ڪري ٿو، تڏهن رومي چوي ٿو:
محرم ناسوت ما لاهوت باد،
آفرين بر دست و بر بازوت باد .
(دفتر دوم ب 1790)
معنيٰ: اسان جي (عشق جي ڪري) ناسوت جو رازدان لاهوت بنجي ويو آهي، تنھنجي اهڙي حوصلي ۾ همت ۽ ٻنهي ٻانھن کي شاباس هجي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2535
نِکِئَا نَاسُوْتَا مَرِئَاءٌ مَلَڪُوْتَڎٖيْ﮶
جُوْکِيْ جَبَرووْتَا وَڃَائٖيْ وَاٽَ ٿِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
निङिआ नासूतां। मणिआऊं मलकूत डे॒।
जोगी॒ जबरोतां। वजा॒ए वाट थिआ।
ROMAN SINDHI
Ningya nasootaan, manniyaoon malakoot'a De,
Joggee jabarootaan waJhhaye waatt'a thiya.
TRANSLATIONS
These ascetics left Nasut and pushed on towards Malakut. They reached Jabrut later and continued their progress further (towards Lahut).
چھوڑ کر آج عالمِ ناسوت
جا رہے ہیں وہ جانبِ ملکوت
ان کے ناقوس کی صدائوں سے
گونج اٹھی ہے محفلِ جبروت
نکلے ہیں ناسوت سے آگے، چلے ہیں اب ملکوت،
جوگی گئے جبروت، سنکھ بجا کر سارے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،…
- (بيت) آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،…
- (بيت) آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو…
- (بيت) آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون…
- (بيت) اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ…
- (بيت) جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ…
- (بيت) رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي…
- (بيت) راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ…
- (بيت) سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو…
- (بيت) لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،…
- (بيت) ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ…
- (بيت) ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ…
- (بيت) پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا…
- (بيت) پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي…
- (بيت) پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،…
