Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر پورب جَي وايون جي وائِي
ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا،
گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ،
جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
ووءِ ووءِ تَنِ نَہ وِسَرِي، ھوءِ تَنِي جي حالَ،
کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻان ٿِئَڙا پَيمالَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
اُڀِي اوطاقُنِ ۾،ڪَرَ موڙِئائُون ڪالَهہ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، جَڏا مَنجِهہ جَمالَ.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
توهان کي گهاٽن وڻن جي جهنگل ۾ ڳوليندي ۽ پڇا ڳاڇا ڪندي ڪي منھنجا سڄڻ گڏئا. اي امڙ، مون وارا جوڳي اهڙا آهن جن کي ڪنن ۾ ڳاڙها والا پيل آهن. هنن کي ڳاڙها ڪپڙا بہ پاتل آهن تہ رومالن کي پڻ رڱي سرخ ڪيو اٿائون. اهي ڌوڙ ۽ مٽيءَ ۾ هلندي بڀوت ٿيو وڃن ۽ ڪنھن سان ڪا ڳالهہ ٻولهہ نٿا ڪن. (ڪو راز نٿا سلن). هنن پنھنجن وارن جون وڏيون چڳون بلڪ چوٽيون ڇڏي ڏنيون آهن. هو پاڻ کي سڌو سنئون باھ جھڙي گرمي ۽ ڪاڙهي ۾ ساڙي پچائي ناس ۽ نابود ڪن ٿا. اهي سيلاني ۽ پينو فقير بنجي (ويس ڌاري) دوست سان ملڻ جا جتن ۽ حيلا پيا ڪن. اي امڙ، منھنجو بيمار ۽ هيڻو تن بدن هنن جي سهڻي ديدار سان تازو توانو ۽ تندرست ٿي پيو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2809
وٖيْرٍ مَنجِّہ وَرَالَ آَنڪٖيْ کَڎِئَا هُوْةَ مُھِيْجَا﮶
کٖيْرُوْ ڪِئَاءٌ ڪَپِرَ اَرتَاءٌ رُوْمَالَ﮶
جَڎُوْ جِيُ جِيَارِئُوْ تَنِ سَامِيَنِ جِيَ سَڀَالَ﮶
وَتَنِ ڌُوْرِ ڀَڪْلِئَا ڪَهِسَان ڪَنِ نَکَالِ﮶
وُوْءِ وُوْءِ تَنِ نَوِسِرٖيْ هُوْءِ تَنٍ جٖيْ حَالَ﮶
کَامِيْ کُوْرٖيْ وِچَم﮼ پَانَا ٿِئَرَا پَيْمَالُ﮶
بَابُوْ بٖيْکَارِيْ ٿِئَا وَتَنِ مَنجِّہ وِصَالَ﮶
لَاهُوْتِيْ لَطِيْفُ چٖيْ جَڎَا مَنجِّہ جَمَالَ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेड़िह्यें मन्झि वड़ाल। आं के गडि॒आ होत मुंहिंजा।
गेड़ू किआऊं कपिड़ा। रताऊं रूमाल।
जडो॒ जीउ जियारिओ। तनि सामियनि जीअ संभाल।
वतनि धूड़ि भकुलिआ। कंहिं सां कनि न गा॒ल्हि।
वौए वौए तनि न विसरी। होए तनी जे हाल।
खामी खूरे विच में। पाणां थिअड़ा पैमाल।
बाबू बेखारी थिआ। वतनि मन्झि विसाल।
माउ मुंहिंजे जोग॒यें। कनें कुनिर लाल।
उभी औताक़ुनि में। कर मोड़िआऊं कालह।
लाहूती लतीफ़ चए। जडा॒ मन्झि जमाल।
ROMAN SINDHI
werrihee'n manjh'ay warraal'a, aan kay gaddi'aa hot'a munhinjaa,
gerroo ki'aa'oo'n kapirraa, rataa'oo'n roomaal'a,
jaddo ji'u jiyaari'o, tan'ay saamiyan'ay ji'a sanbhaal'a,
watan'ay dhoorr'ay bhakuli'aa, kanhin saa'n kan'ay na ggaalih,
wo'ay wo'ay tan'ay na wisari, ho'ay tani jay Haal'a,
khhaami khhori wich'a mayn, paannaa'n thi'arraa paemaal'a,
baabu bekhhaari thi'aa, watan'ay manjh'ay wisaal'a,
maa'u munhinji joggee'n kane'n kunir'a laal'a,
ubhi aotaaqun'ay mayn, kar'a morri'aaoo'n kaalh'a,
Laahooti Lateef'u chae, juddaa manjh'ay jamaal'a.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) توبَهَ توبَهَ اِيءَ طَلَبَ، تُنھِنجي…
- (وائِي) جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا…
- (وائِي) جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ…
- (وائِي) جَنِ جو وارثُ تُون، سي…
- (وائِي) دِلِ لائي دُورِ نَہ جا،…
- (وائِي) سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي…
- (وائِي) مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي…
- (وائِي) مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ،…
- (وائِي) مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي،…
- (وائِي) وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان…
- (وائِي) ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ…
