Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪلياڻ جَي عشق ۽ معشوق جو بيت
عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي محبوب (هڪ دفعي) وڏي رازداريءَ سان عشق ۽ محبت واري حالت جو سبب پڇيو. پر پاڻ برھ جي بيماريءَ جو وري ڏاڍو عجيب علاج ٻڌايائون. ائين چيائون تہ هن بيماريءَ جو علاج قرآن پاڪ جي سورة والعصر جي آخر ۾ ٻڌايل آهي. يعني ’سچ‘ ۽ صبر جي تلقين ڪيائون. انهيءَ ڏينھن کان وٺي آءٌ پيئي (صبر ڪري) سِڪان تہ ڪڏهن ٿا سندن سلام اچن (پاڻ ياد ڪن!)
[مثنويءَ ۾ اها ڳالهہ هن ريت آيل آهي:
صبر را باحق قرين کرد اي فلان
آخر والعصر را آگه بخوان
(دفتر سوم، ب- 1853)
معنيٰ: اي فلاڻا، صبر کي حق جو ساٿي چيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سورة والعصر جي پڄاڻيءَ کي چڱيءَ طرح پڙه ۽ سمجهہ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 929
عَشْقَ جٖيْ اَسْبَابَکٖيْ پَرِ م﮼ پُڇِيَاءٌ﮶
دَارٌ هِنَ دَرْدَ جُوْ ڎَاڊُوْ ڎَسِئَاءٌ﮶
اٰخِرُ وَالْعَصْرِ جُوْ اِيَھِيْ اُتَاءٌ﮶
تِھَا پُوْءِ آَءٌ سِڪَان ٿِيْ سَلَامَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पर में पुछियाऊं। इश्क़ जे असबाब खे।
दरूं हिन दर्द जो। ॾाढो ॾसियाऊं।
अख़िरु वल्अस्र जो। ईहें उताऊं।
तिंहां पोइ आऊं। सिकां थी सलाम खे॥
ROMAN SINDHI
Par men puchhiyaaoon, eshq’a jy asbab’a khy,
Daroon hin’a dard’a jo, Dadho Dasiyaoon,
Aakhir’u wal asr’a jo, eeham utaaon,
Tehaan poe aaoon, sekaan thee salam’a khy.
TRANSLATIONS
In confidence He enquired from me about the causes and symptoms of (the disease of) love. Then He prescribed what was rather hard to take. Eventually He advised patience in the matter. Thereafter (after abiding by his prescription), I constantly yearn for an opportunity to do obeisance to Him.
And exhort one another to be patient . (3, AI-Asr).
And We shall try you with something of fear, and hunger, and loss of wealth and lives and fruits, but give glad tidings to the patient. (55, AI-Baqarah)
He secretly inquired about the causes of my love-ailment,
He then prescribed and appropriate medicine,
He advised me to have patience,
Since then I am yearning to meet and pray homage to him.
آپ عشق دے اوس نے مینوں گُجھے بھیت بتائے
اوسے دردی پریتم میرے، آپے درد ہٹائے
رات صبر دی بخشی مینوں، مہر دے وچ جد آئے
کھڑا اُڈیکاں کد گھر آوے دے سلام نوازے
راز دارانہ طور پر اس نے عاشقی کے رموز سمجھائے
دولت صبر دی کہ درد مرا چارۂ درد خود ہی بن جائے
لے کے بیٹھا ہوں جنس عجزو نیاز آج تک خود نہ سامنے آئے
کیا ہے درد کا کارن؟ پی نے چُھپ کر پوچھا،
درد کا درماں بخشا یار نے، مجھ کو پاس بلایا
"آخر العصر" پریتم نے فرمایا،
تب سے یہ من میرا، ترسے پی درشن کو۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي…
- (بيت) اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون…
- (بيت) تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ…
- (بيت) حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ…
- (بيت) حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما…
- (بيت) رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ…
- (بيت) ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ…
- (بيت) سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي…
- (بيت) سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين…
- (بيت) مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ…
- (بيت) پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو…
- (بيت) پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ…
- (بيت) پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي…
- (بيت) ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين…
- (بيت) ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ…
- (بيت) ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ…
- (بيت) ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي…
- (بيت) ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي…
- (بيت) ڪُھَنِ تانْ ڪَرَ گُهرا، ڪَرَ…
- (بيت) ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ…
- (بيت) ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
