Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪلياڻ جَي عشق ۽ معشوق جو بيت
مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
محبوب جو ڳالهائڻ مٺاڻ کان وڌيڪ مٺو ۽ لذيذ آهي، اهو ڪڏهن بہ ڪؤڙو (اڻ وڻندڙ) ناهي. ائين محبوب جي ماٺ ڄڻ (سندن موڪليل) سلام (يادگيري) آهي.
[روميءَ وٽ وري هي انداز ملي ٿو:
تلخ از شيرين لبان خوش مي شود،
خار از گلزار دلکش مي شود.
(دفتر سوم، ب- 538)
معنيٰ: مٺڙن چپن وارن جي ڳالهائڻ سان ڪوڙاڻ بہ مٺاڻ ٿي پوندي آهي. جيئن گلشن ۾ گلن سان گڏ ڪندا بہ سهڻا لڳندا آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 931
مِٽَايَا مِٽُوْ کَنُوْن ڪَرُوْ نَاہِ ڪَلَامُ﮶
سُڪُوْتُوْءِ سَلَامُ پِرْيَان سَندٖيْ پَارِ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मिठायां मिठो घणु। कड़ो नाहि कलामु।
सुकूत ई सलामु। प्रयां सन्दे पार जो॥
ROMAN SINDHI
Mithaya mitho gharNo, kaRo naah’e kalam’u,
Sukoot’u ee salam’u, priyaan sandy paar’a jo.
TRANSLATIONS
When He speaks, every word of His is very melodious and a sheer blessing. There is no bitterness in His talk. But when He does not speak, even then His silence radiates peace.
ہرچہ از دوست می آید نکوست
Whatever comes from the friend is good.
Divine Love's sayings are not bitter but sweet,
Even His silence radiates peace.
His words are sweetest of all the sweets and are never bitter,
Even his very silence is response.
كلمات وأقوال الحبيب أجلى من الحلاوة.
وليست بمُرّ صمتُ الحبيب سلام.
کلامِ دوست شیرین تر، نباید گفت تلخ آن را
نباید گفت تلخ آن را، ک شیرینی بہ لب دارد
سکوتِ او سلام آثار اگر چشم ما بینی
اگر از چشم ما بینی، سکوتِ او سبب دارد
بول میت دے ماکھیوں مٹھے کوڑے بول نا جانیں
چپ سجن دے ونڈے سلاماں کردی اپنے بھانیں
اس قدر بھی وہ بے نیاز نہیں ہر نظر میں پیام ہوتا ہے
لب جاناں خموش رہ کر بھی کتنا شیریں کلام ہوتا ہے
شیرینی سے شیریں تر ہے، میٹھا ہر ایک بول،
ساجن ہے انمول، چپ بھی پیار کی باتیں ہیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي…
- (بيت) اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون…
- (بيت) تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ…
- (بيت) حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ…
- (بيت) حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما…
- (بيت) رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ…
- (بيت) ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ…
- (بيت) سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي…
- (بيت) سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين…
- (بيت) عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ…
- (بيت) پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو…
- (بيت) پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ…
- (بيت) پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي…
- (بيت) ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين…
- (بيت) ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ…
- (بيت) ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ…
- (بيت) ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي…
- (بيت) ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي…
- (بيت) ڪُھَنِ تانْ ڪَرَ گُهرا، ڪَرَ…
- (بيت) ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ…
- (بيت) ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
