Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي ويڄ ۽ دارُون جو بيت
ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي طبيب، تون پنھنجون اهي دوائون اجايو ضايع نہ ڪر، جو انهن سان ڪو افاقو ٿيڻ وارو ڪونهي. (توکي ڪھڙي خبر تہ) مون کي منھنجي محبوب جا اهي هنيل ڌڪ يا ڏنل زخم ڪيترا وڻندڙ ۽ دل گُهريا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1228
وٖيْڃَہ وِڃَاءِ مَڊَبَرَا ڪَندَا ڪُوْنَ فَرَقُ﮶
مُنْـکٖيْ ٿِئَا مَرَڪُ سُپٖيْرِيَا جَا ڌَڪَرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेज॒ विञाइ म डबड़ा। कंदा कोन फ़रक़ु।
मूं खे थिआ मरकु। सुपेरियां जा धकड़ा॥
ROMAN SINDHI
WeJhh'a winjaaye ma DHabhrra, kanda kon'a faraQ'u,
Moon khe thiya marak'u, superiyaan ja dhakrra.
TRANSLATIONS
Oh, dear physician! Spare your medicines, for they won't make a difference. (You're unaware that) the wounds inflicted by my Beloved are my true sustenance in life.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آھي گهَڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ…
- (بيت) اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جٖي…
- (بيت) اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ…
- (بيت) اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي…
- (بيت) تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو…
- (بيت) تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،…
- (بيت) تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،…
- (بيت) تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ،…
- (بيت) تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ…
- (بيت) تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،…
- (بيت) دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي…
- (بيت) ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو…
- (بيت) ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ…
- (بيت) ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا…
- (بيت) ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري…
- (بيت) ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي…
- (بيت) ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي…
- (بيت) ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ…
- (بيت) وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ…
- (بيت) وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جَي سِکين…
- (بيت) پاڙي ويڄَ ھُئامِ، تان مُون…
- (بيت) ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو،…
- (بيت) ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،…
- (بيت) ڪُٺِيَسِ ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ…
- (بيت) ھارِئَا تو ھِرِي، ڪُپَجُ ڪايا…
- (بيت) ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ…
- (بيت) ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون…
- (بيت) ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
