Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي حبيب ۽ طبيب جو بيت
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون ئي مهربان محبوب آهين، تون ئي مرضن جو لاهيندڙ آهين. تون ئي مرض جي دوا بہ آهين. تنھنجي يادگيري (ذڪر) ئي منھنجي دل جي واسطي علاج آهي، آءٌ تو کي پيو ياد ڪريان ڇو تہ ٻئي ڪنھن وٽ منھنجي بيماريءَ جو علاج ڪونهي.
[روميءَ جو بہ اهو ئي نقطئه نظر آهي تہ ظاهري بيمارين جو تعلق بدن سان آهي، پر اندر جي بيمارين جو واسطو روح سان آهي. تڏهن تہ چوي ٿو:
صحت اين حس بجوئيد از طبيب،
صحت آن حس بجوئيد از حبيب.
(دفتر اول، ب- 34)
معنيٰ ظاهري بيماريءَ جو علاج هن ظاهري طبيبن کان وٺ پر هُن اندرين بيماريءَ جو علاج پنھنجي محبوب کان حاصل ڪر.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1132
تُنْ حَبِيْبُ تُنْ طَبِيْبُ تُنْ دَرْدَ جُوْ دَارٌ﮶
دَاوَا آَهِيْنِ دِلِکٖيْ تُھْجِيٌ تَوَارٌ﮶
ڪَرِيَا تٖيْ ڪَارٌ ٻُڪِيْ ٻَئَنِئَا نَٿِيى﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तूं हबीबु। तूं तबीबु। तूं दर्द जो दारूं।
दोआ आहीं दिल खे। तुनहिंजीऊं तनवारूं।
कुरीयन थी कारूं। ॿुकी ॿिअनआन नह थई॥
ROMAN SINDHI
Toon habeeb’u, toon tabeeb’u, toon dard jo daaroon,
Dawa aaheen dil’e khe, tuhinjiyoon tanwaroon,
Kariyaan thi karoon, Buki Bean’aan na theay.
TRANSLATIONS
You are the Beloved! You are the Physician! You constitute the sole medicine for my ailment. To remember you as well as to meditate on all your attributes, works as a healer to my heart. I beseech you earnestly for relief, because none else is competent to diagnose my malady and treat it
Understand well that the remembrance of Allah tranquils the mind.
(28, AI-Raad).
You are the beloved, the physician; and the medicine of pain,
Curative of my aching heart are you sweet words,
I carve for you, as other physicians' medicines don't work.
توں ای سجن دارو میرا، سارے روگ ہٹاویں
توں مٹھیاں کر کر گلاں دل دا درد مٹاویں
تیرے بناں ہور نا دوجا، جیہڑا روگ پچھانیں
میں جانتا ہوں مرے چارہ گر کہ تیرے سوا
نہ راس آئے گی دل کو کسی کی چارہ گری
مرے حبیب، مرے چارہ گر، مرے مالک
علاج ہے مرے غم کا تیری ہی چارہ گری
تُو حبیب، تُو طبیب، درد کا تُو ہی درماں،
میرے دل کی دوا ہیں، سائیں، تیری بتیاں،
روتی ہوں دن رتیاں، تجھ بِن اور نہ درماں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون…
- (بيت) تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين…
- (بيت) تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون…
- (بيت) تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون…
- (بيت) جانۡ ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون…
- (بيت) جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ…
- (بيت) جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ…
- (بيت) رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ…
- (بيت) رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ…
- (بيت) سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي،…
- (بيت) سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي،…
- (بيت) واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ…
- (بيت) واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو…
- (بيت) واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي…
- (بيت) ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ…
- (بيت) پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ…
- (بيت) چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ…
- (بيت) ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ…
- (بيت) ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا…
- (بيت) ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ…
- (بيت) ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان…
- (بيت) ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
