ٻُڪِي بابت
معنيٰ
لَپ، قرب سان ٻُڪ ڀري ڏنل، شفا، اميد جو پڄڻ
A handful of grain put into a hand-mill etc. a powder or any pulverized medicine.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون، دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون، ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون، ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون، جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان، سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ، نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي، ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي، اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي، ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]