Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ جو بيت
وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي، اَڄُ آرِياڻِي آءُ،
چُڪِيءَ تو سين چاھُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙِھي.
رسالن ۾ موجودگي: 130 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) اي منھنجا آرياڻي سردار، تون پاڻ اچ ۽ اچي منھنجو حال ڏس جو مان هاڻي ماندي ٿي ويھي رهي آهيان ۽ مون کان اڳتي هڪڙي وک بہ نٿي کڄي. پر مون ٿڪجي چُور ٿيل جي محبت فقط توسان آهي ۽ (پيرن ڀر نٿي هلي سگهان) پاسن ڀر رڙهندي تو ڏانھن پيئي اچان.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 581
وِرْتِيَسِ وِکَہ نَہ اُپِرٖيْ اَڃُہ آَرِيَانِيْ آَءُ﮶
چُڪِيَ تُوْ س﮼ چَاءُ پَاسٖيْ ڀَرِ پٖيْئِيْ رِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विर्तियसि विख न उपिड़े। अजु॒ आरियाणी आउ।
चिकीअ तो सें चाहु। पासे भरि पेई रिड़िहे।
ROMAN SINDHI
waritiyas'ay wikhh'a na upirray, ajj'u aariyaanni aaun,
chuki'a to see'n chaah'u, paasay bhar'ay pe'ee rirrhay.
TRANSLATIONS
I am dead tired. I am constrained to halt because I cannot take another step. O Lord Punhoo! kindly come to me. This way; worn woman is very much in love with you, and as such she is crawling towards you on sides. (She cannot walk straight, much less briskly.)
ٹر ٹر تھکی بیٹھے اڑیا، تیں ول رڑہدی آواں
ہاڑے رب دے آجا جانی جان انتلے ساہواں
میں بیٹھی ٹریا نا جائے توں ہی پھیرا پاوے
چاہ تیری وے سجنا مینوں دھوندی ریڑھہ بجاوے
گھسٹتی جارہی ہوں میرے پیارے
میں لے کر اپنی کہنی کا سہارا
نہیں اب پیر اٹھانے کی سکت بھی
نہ کر اب دیر آنے میں خدارا
تھک کر بیٹھ گئی ہوں سائیں!، اب تو چلا نہ جائے،
کہنی کے بل رینگ رہی ہوں، تجھ سے من اٹکائے۔
تھک کر بیٹھ گئی ہوں ساجن!، اب تو آن کے تھام،
تھکی ہوئی کی پریت ہے تجھ سے، رینگتی ہوں اب ہر گام۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون ٿِي چَڙَھان چوٽِيين، وَرَڻُ…
- (بيت) اَدِيُون آرِيچَنِ ڏي، ڇَپَرِ ويندِيَسِ…
- (بيت) جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ…
- (بيت) رُڳو رَنجائو، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي،…
- (بيت) سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ…
- (بيت) سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري،…
- (بيت) قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ…
- (بيت) لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ…
- (بيت) لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي…
- (بيت) لَڳِينءَ لاڳاپي، ڀورِي مُنڌَ ڀَنڀورَ…
- (بيت) لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نَنگَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون،…
- (بيت) لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نِنڊَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون،…
- (بيت) لُڪُنِ ۽ لَڪَنِ، ڄَرَ ڄَراٽِي…
- (بيت) وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، اِيءَ…
- (بيت) وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، سَڏِيين…
- (بيت) وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، پُڇين…
- (بيت) ٻيلِيَنِ ڌاران ٻَنِ، ڏِجي ڏُونگَرُ…
- (بيت) ٻَرِي تَہ ٻارِ، ڦُوڪِ تَہ…
- (بيت) ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي…
- (بيت) چانڪِ چَڙھَندِيَسِ چوٽِيين، پاڻان لُوٺِيَسِ…
- (بيت) ڇَپَرَ جا سُونھان، وارِجِ واڳَ…
- (بيت) ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ…
- (بيت) ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا…
- (بيت) ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھِيڪَنِ…
- (بيت) ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چَکِئَمِ…
- (بيت) ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ…
- (بيت) ڏُونگَرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارَکُو…
- (بيت) کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ…
- (بيت) ڪِينَ سَھان ٿِي سُپِرِين، ڇَپَرَ…
- (بيت) ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي،…
- (بيت) ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي،…
- (بيت) ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي…
- (بيت) ھوتَ نَہ پَھچان ھوڏَ، آئُون…
