Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي آئون، تُون، روزا نمازُون جو بيت
”تو“ کي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،
ڪونِهي ٻِئو خَيالُ، جَي شارِڪَ شَڪُ وِڃائِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 74 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي طالب) جيڪڏهن تنھنجو مالڪ (حقيقي محبوب) توکي ملي (توکي اهو قرب نصيب ٿئي) تہ تو مٿان هن جو سمورو حسن ۽ جمال ظاهر ٿي پوي. (اهو جلوو هن جي مهربانيءَ تي منحصر آهي) ياد رک هن سلسلي ۾ دوئي يا ٻيائي آهي ئي ڪانہ (اهو خيال ئي اجايو آهي)، بشرطيڪ تون پنھنجي شرڪ وارو شڪ (گمان ۽ وهم) ڪڍي ڦٽو ڪرين (يعني حقيقت ۾ سراپا سونھن يا مطلق جمال هو پاڻ آهي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3412
تُوْکٖيْ رَسٖيْ تُنْ ڌَنِيْ سَڀُوْئِيْ جَمَالُ﮶
ڪُوْنِهْ ٻِئُوْ خِيَالُ جٖيْ شَارِڪَ شَڪُ وِڃَائِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
“तो” खे रसे “तूं” धणी। सभोई जमालु।
कोनिहे बि॒यो ख़ियालु। जे शारिक शकु विञाइयें॥
ROMAN SINDHI
Tokhe rasse toon dhannee, sabhoyi jamaal'u,
Konhe Biyo Khayal'u, je shaarik'a shak'u winjaeeyen.
TRANSLATIONS
O Allah! All sublimity belongs to you. Indeed there can be no other opinion on this point. If only you were to abandon your doubts, O polytheist, you too would feel similarly.
ہر آں کس کہ اندر دل شکنی نیست،
یقیں داند کہ ہستی جزیکی نیست۔
(Roomi)
The person, who has no misgivings in his mind, knows for certain that the Reality is One only.
It is only O Lord, whom 'You" suits, You are all Beauty,
There is no other thought if only you shun doubts o dualist.
ترا زیبد ہمہ حس و جمال ای صاحب رعنا
تو می دانی کہ غیر از تو مرا وہم و خیالی نیست
بلاشک لاشریک استی نگنجد شرک و شک اینجا
جمالِ تو کمالِ تو دگر ثابت جمالی نیست
تجھ کو "تو" سہائے سائیں، تو ہے سارا جمال،
اے شارک! سب وہم بھلادے، چھوڑ دے اور خیال۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آسا سَڀَ ڪَنھِين وَلَهِي، آسا…
- (بيت) اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ…
- (بيت) جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي،…
- (بيت) جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي،…
- (بيت) جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي…
- (بيت) روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي…
- (بيت) روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ…
- (بيت) سُڃاپي نَہ صُورَتَ ري، صُورَتَ…
- (بيت) سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ…
- (بيت) صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون…
- (بيت) عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي…
- (بيت) قَضا جِي ڪامَ ڪَرِ، وَقتَ…
- (بيت) لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ…
- (بيت) نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي…
- (بيت) وَقتُ جو وَڃي، سو قَضا…
- (بيت) وَقتُ وِڃائي ويھُ، قَضا جِي…
- (بيت) وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا…
- (بيت) ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون…
- (بيت) پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽…
- (بيت) ڪِجي آسَ اللهَ جِي، پِيَ…
- (بيت) ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي،…
- (بيت) ھُئَڻُ تو حِجابُ، لَنگهِہ تَہ…
- (بيت) ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري،…
- (بيت) ”آئُون“ اورِيان جَهلِ تُون، ڇَڏِيَمِ…
- (بيت) ”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين…
