عاشِقَ بابت
معنيٰ
محبت ڪرڻ وارا، عشق وارا، عشق ڪندڙ، بي انتھا پيار ڪندڙ، مُحِبّ، مفتون، فريقته، شيدائي، نثار.
Those who are in love, lovers, enamoreds.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري، سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري، ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ، عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ، لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ، ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي، سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ، لِڌا تي لَڀَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو، نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ، عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ، نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ، ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَرِي، آھَ ڪَرِيندي ساھُ، ڪَڏِھِين ويندُنِ نِڪِرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڪِئو، طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي مَنِ، سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، تَنَ ۾ آھي تَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ، اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي، ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ، ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ، اُڀو پِريان پاسِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ، نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي، ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي، اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ دَرُ، پِرِين پُڇَندَءِ پاڻِهين، لَھَندين سَرُ سُڀَرُ، اُنِهين جو اَثَرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ، اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ، تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَفِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ، پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ، تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ، سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ، ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- سُورُ جَنِي سَرِئو، سَرِي تَنِ صِحَتَ، مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- چَنڊَ کي چورائي جُهڙَ جَهپيئيِ نَہ وَڃيين، اُونداھِي آھي، اَجهو عاشِقَنِ جو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- طالَبَ ڪَرِ توڏِي، جي تُون طالِبُ توڏِيءَ جو، عاشِقَنِ اوڏِي، مَعشُوقَنِ جي مَنَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي، طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ، مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ گُهرَندي گَنجَ، پَسِي پَرِ پِريان جِي، ٿِئا رَقيبان رَنجَ، شالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عاشِقَ اوھِيرا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ، ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ، سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ، تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- آھي عاشِقَنِ کي، ڪاڙھو مَنجِهہ ڪُرِيزَ، جي مَٿي وَڃي ڳِيجَهہ، توءِ نِھاري ڍُونڍَ ڏي.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]