عاشِقَ جي سنڌي معنيٰ
محبت ڪرڻ وارا، عشق وارا، عشق ڪندڙ، بي انتھا پيار ڪندڙ، مُحِبّ، مفتون، فريقته، شيدائي، نثار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Those who are in love, lovers, enamoreds.
عاشِقَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ،
ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن،
سُکَ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 9 ]

وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 34 ]
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 34 ]
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ،
ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 6 ]
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ،
ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 6 ]
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]
English Meaning
Those who are in love, lovers, enamoreds.