پُڇي بابت
معنيٰ
سوال ڪري، آکي
May ask or enquire
بيتن ۽ وائين ۾
- چوڏِينھَن چَنڊَن اُڀِري، اُوڻَٽِيھَن پَسي نَہ عامَ، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ، تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ، پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو، ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ، شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪَچي ساڻُ ڪَھي، پَڪو پُڇي نَہ سُهڻِي، لَنگِهئو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، وَڇارَنِ وَھي، سا ڪِيئَن نِينھُن نَھي، جَنھِن کي نِينھَن…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي ساڻُ، سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ، عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي، مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ، سِڪان ٿِي سِنگهارَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ، وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ، لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي، جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟ وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟ وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ، پَنھِنجو آھي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏاگهُہ مَ ڏيجِ، پيھِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاڪَتَ نَہ ٿِئي.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھاڻِ، پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي ڪَرِ پَرھيزَ کي، جَنِ ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِينَ سَڀَيئِي دُورِ ڪِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اَندوھَ ۾، پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا، مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا، سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا، ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي، مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين، آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي، پُڇي پوءِ پِئَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ، پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي، پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ، چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ساٿِي پانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچارَ، ڪا مُنھِنجَڙِي، اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ، ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ، اُڀِي پُڇي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ، وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ، اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- لَڪِ چَڙِهئو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا، اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ، اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي، آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ، ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪُوڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَئَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙا، سا ڏُکان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُ، رائو روئِي روھُ، مُنڌَ ڳوڙَھَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ، اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ، ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ، نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ، مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪِئا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوھِيارِي گَهڻا، گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ، لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، پُڇين ٿِي پانڌِي، ھارِي ھيڪاندِي، ڪَنھِن پَرِ ٿِيندِينءَ ھوتَ سين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ، رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ، آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ راتِ، پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا، پَسان شالَ اَکِيُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانِبَ اِيئَن نَہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِئو موٽِئو نَہ پُڇين، رَتِي رَتُ نَہ سِنجِري، سِڪَ تُنھِنجي ساءِ، اَسان تَوِھِين لاءِ، ٿِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ تاڪي ھَنيَسِ تيرَ، گهايائُون گُجَرِ کي مَرَڪِي اُڀِيا مِيرَ، مُومَلَ گهَڻِيءَ اُڪِيرَ، پاڻان پُڇي تَنِ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا، ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ، مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ، لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ، ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ، اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ، تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ مَ جوءِ، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو، گُونگا نِين نَہ گوءِ، سِرَ سِپاھِيَنِ وِڪِئا، سوڪِ نَہ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ، بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ، تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪِھَڙِي پُڇين ڪالَهہ، ڪَرَ، نَہ ڪا اَڄُ صُباحَ، وَنءُ تَنھِين سين واڳِئو، جيڪِي پَسِين مَنجِهہ پَساھَ، رَمُ رَبانِي راھَ، مَٿي…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو پُڇين پَرُ، اَڄُ آديسِي مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀَڪو.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- سَڌَرُ شَھتِيرَنِ ۾، ڀَرَجَهلو بارِي، مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي، سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي، پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي، گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ، پُڇين ڪانَہ وِڏِيتِ، جٖي آئِيا سي اَگهِئا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ، ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ، مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دُھِلَنِ دَمامَنِ نُقِرين، پَرِ ۾ پُڇياسِ، جيلاھَ ڍولي ڍيلِياسِ، تي ٿِيَسِ ڏُھاڳَڻِ ڏيھَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا، سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينَتِيُون ويھِي، پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پِريان سَندِيءَ ھَنۡجَ ۾، سُتِي جا پَئِي، سا ڪوھُ پُڇي راتِ کي، تَہ ڪيتِري ڳَئِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون پِيَ پُڇين جو، سُخُنُ آھي سو، مُنھَن مُقابِل نَہ ٿِيي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]