Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري جو بيت
پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
سهڻيءَ کي ڏم هر گهڙيءَ پئي روڪيو ۽ گهڻوئي سمجهايو. ليڪن سهڻي هئي جا درياھ جو چاڙه ڏسي بہ وچ تان موٽي ڪانہ آئي. اونداهيءَ اڌ رات جو هوءَ وڏيءَ محبت وچان سھي سنڀري رواني ٿي. درياھ جو جهول (بيٺل اونهو پاڻي) بہ کيس روڪي نہ سگهيو. بيشڪ سهڻي وعدي وچن جي پڪي هئي، پنھنجي انجام کي پاڙڻ واري هئي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1708
پَلْپَلْ ٿٖيْ پَلِيْ ڎَمَ ڎِيْھَانِيْ ڪٖيْتِرُوْ﮶
پَسِيْ دَوْرُ دَرْيَاهَجُوْ وِچَا ڪِيْنَ وَلِيْ﮶
ڪَارِيَ رَاةِ قَرِيْبَڎٖيْ مَنجَا حُبَ هَلِيْ﮶
نَڪِهْ ڄُوْلَ ڄَلِيْ سَمُنَ پُوْرِيْ سُنْھَنِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पलि पलि थी पली। ड॒म डि॒हाड़ी केतिरो।
पसी दोरु दरियाह जो। विचां कीन वली।
कारी राति क़रीब डे॒। मंझां हुब हली।
न किंहिं झोल झली। समुन पूरी सूहणी।
ROMAN SINDHI
Pal pal thi'ye pal'ee, ddam'a ddihaarray ketiro,
Pasee daor'a dariyaah'a jo, wichaa'n keen'a wali,
Kaari raat'ay qareeb'a dday, manjhhaa'n Hubb'a hali,
Na kanhin jhhol'a jhhali, samun'a poori Suhinni.
TRANSLATIONS
(It was indeed laudable for) Suhni to suffer daily much too frequent pin pricks of Dam. The fact is that with that back- ground she was not held back even by the sight of the impetuous current. She pursued devotedly the course towards the beloved on the dark night. little detered by the deep (cold) water of the vortex in the river. Indeed she was true to her promise (which she had made with Mehar).
Every moment she has to face checks by Dum,
Seeing the forceful flow of river she does not turn away,
She goes forth with love towards the beloved in the dark night,
No water recess can stop her, she is true to her promise.
گھوری وٹ ڈم دیندا رہندا طعنے مہنے جھڑکے
ڈرے نا گھمر گھیری کولوں سوہنی مُول نا تھڑکے
کالی رات ڈراونی بھاویں تاہنگ ذرا نا تِڑکے
جا لگی اوہ پار کنارے جھلدی گھلدی چھلاں
کیا ڈراتی اسے شب تاریک
مطمئن تھی وہ موج طوفاں سے
بے کسی، بے بسی میں بھی نہ پھری
سوہنی اپنے عہد و پیماں سے
بندشیں ڈم کی ہوگئیں بے سود
مرحبا وصلِ شاہد و مشہود
روک سکے نہ طعنے ڈر کے، ختم ہوئی نہ آس،
دیکھ دہشت دریا کی، سوہنی تھی نہ نراس،
کالی رینا، چلی ملن کو، من میں ملن کی پیاس،
ندی رات اوماس، وہ وعدہ کی تھی پوری۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدا اي ٻانڌِي! توکي ڪَڙَھان…
- (بيت) توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي،…
- (بيت) توڏِي تُھائِين جٖي، سي ھِتَھِين…
- (بيت) توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان…
- (بيت) تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ…
- (بيت) جهولَ نَہ جَهلِي سُهڻِي، سائِرُ…
- (بيت) جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو…
- (بيت) جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو…
- (بيت) سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو…
- (بيت) ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي…
- (بيت) ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ…
- (بيت) سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي…
- (بيت) سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي…
- (بيت) سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا…
- (بيت) سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ…
- (بيت) صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾،…
- (بيت) طالَبَ ڪَرِ توڏِي، جي تُون…
- (بيت) نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ…
- (بيت) واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي…
- (بيت) واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو…
- (بيت) وَڃي ڪُنَ ڪَپِيندِي، سُهڻِي مَنجهان…
- (بيت) وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري…
- (بيت) ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ…
- (بيت) ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ…
- (بيت) ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ…
- (بيت) ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ…
- (بيت) ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن…
- (بيت) ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ،…
- (بيت) گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ…
- (بيت) گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون…
- (بيت) گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ…
- (بيت) گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ…
- (بيت) ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي، توڏِي…
- (بيت) ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي…
- (بيت) ھُو پُڻ ڏِٺَئِي ڏِينھَن، ھِي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
