حُبَ بابت
معنيٰ
پريت، پريم، عشق، سِڪَ، چاھَ، ڇِڪَ، اُنس، لاڙو، شوق، آرزو، تمنا، سَڌَ، مرضي، دوستي، واقفيت، آشنائي، صحبت.
Affection, love, fondness.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي، ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ، اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ، وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ، لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾، پُنهون پاڻَ ڳَري، وَڃِجِ ڪِيمَ پَري، حُبَ ۾ ڳولجِ ھوتَ کي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ، حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ، پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ، تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ، حُبَ جَنھِين کي ھوتَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين، ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي ھوتَ جِي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ، لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ، توڻي حُبَ نَہ ھوءِ،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ، جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ، إِنَّ ٱللَّهَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي، إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]