Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي دھشت دام درياھَ جو بيت
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 64 سيڪڙو
سمجهاڻي
درياھ ۾ وڏو زور ۽ دهشت آهي ۽ هيبتناڪ هُل ۽ آواز پيو اچي. (اهڙيءَ حالت ۾) ڪچو گهَڙو (زوردار) لهرين ۾ ڀَڄي ڀُري الائجي ڪيڏانھن ويو. (ليڪن سهڻي نااميد ناهي جو سمجهي ٿي تہ) منھنجو سچو سپرين (رهبر) ان ڏکيءَ حالت ۾ ضرور اچي مدد ڪندو.
[اونداهي رات ۾ درياھ جي دهشت ۽ مٿان وسندڙ مينھن جو نظارو مثنويءَ ۾ هن ريت ملي ٿو:
هم شب و هم ابر و هم موج عظيم،
آن سه تاريکي و از غرقاب بيم.
(دفتر سوم، ب-2180)
معنيٰ: رات جو وڳڙو، مٿان مينهن ۽ درياءَ جون اجگر لهرون، هڪ نہ پر ٽي اونداهيون ۽ وڌ ۾ وڌ ٻڏڻ ۽ لڙهي وڃڻ جو خوف خطرو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1623
دَهْشَةَ دَامَ دَرْيَاهَم﮼ جِةِ هَيْبَةَ هُلَاچُوْ﮶
وِرْجِيْ وِيْرِنِ وِچَم﮼ ڪَاڎٖيْ وِئُوْ ڪَچُوْ﮶
سَاهَرُ ڃَامُ سَچُوْ سَانِيْ ٿِيْدُمِ سِيْرَ م﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
दह्शत दाम दरियाह में। जिति हेबतु हुलाचो।
विरिजी॒ वीरिनि विच में। काडे॒ विओ कचो।
साहड़ु जा॒मु सचो। साणी थींदुम सीर में।
ROMAN SINDHI
Dahshat'a daam'a daryaah'a mayn, jit'ay hebat'a hulaacho,
Wirijji wirin'ay wich'a mayn, kaadday wi'o kacho,
Saaharr'u jjaam'u sacho, saanni theendum seer'a mayn.
TRANSLATIONS
(Suhni soliloquizes:) The river is in a dangerously high spate and its water rushes very tumultuously. (By the way) what happened to the unbaked jar when it was caught between the waves? Where is it (There is no trace of it after disintegration). (But no matter.) The really Beneficent Lord alone will help me out of the current (and save me from the same fate as that of the jar.)
There was horror, tumult and terror in the river,
The unbaked pitcher dissolved in the waves, where is it now?
The true Sahar lord will be my aid in midstream.
دہشت ہڑدی ورھدی جائے ہُندا شور کرارا
کھور گیا او کچے گھڑے نوں تِکھا وگدا دھارا
سوہنی نوں لاچاری اندر، یاد سجن دی آئی
اس خطرناک قعر دریا میں
کوئی کچا گھڑا نہ کام آیا
ہو گئے جب مرے جتن بیکار
یاد اس ناخدا کا نام آیا
دہشت ناک ہے چڑہتا دریا، ہیبت ناک ہے شور،
لہروں بیچ وہ ٹوٹا آخر، گھڑا جو تھا کمزور،
لے جائے اُس اور، ساجن سنگ ہے بیچ بھنور میں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا،…
- (بيت) ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
