Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي دھشت دام درياھَ جو بيت
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ،
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 58 سيڪڙو
سمجهاڻي
درياھ ۾ (بي شمار) ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ گوڙ شور پيو ٻُڌجي ڄڻ تہ درياھ دڙڪا پيو ڏئي ۽ ڊيڄاري. ليڪن سهڻي اهڙي (خوفناڪ ۽ خطري واري) هنڌ تان ئي درياھ ۾ داخل پيئي ٿئي (ڇو تہ) کيس حياتيءَ جي پرواھ ناهي. (اهڙيءَ حالت ۾) هوءَ ساهڙ جي مهربانيءَ سان اهو وڏو پاڻي (جنھن ۾ جيڪر ٻيڙيون بہ مس بچي سگهن) لنگهي پار پوي ٿي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1681
ڪَرَکَلُ ڪُوْچُہ ڪُنَ کَنَان جِةِ دَرَڪُوْ مَنجِہ دَرْيَاہَ﮶
اَچِئُوْ اُتَاہٍ کِرٖيْ سَانکُوْ ڪَرٖيْ نَہ سَاہَ﮶
سَاهَرَ جِيْ صَلَاحَ ٻَارِ لَنکَائٖيْ ٻَاڄَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कर ग॒लु कूचु कुन घणा। जिति धड़को मंजिह दरयाह।
अचियो उताहीं। घिड़े। सांगो करे न साह।
साहड़ जी सलाह। बा॒रि लंघाए बा॒झ सें।
ROMAN SINDHI
Kar'a ggal'u kooch'u kun'a ghhannaa, jit'ay darrako manjhh'ay,
Achhiyo utaahi'yen ghhirri, saango karay na saah'a,
Saaharr'a ji salaah'a, Baar'ay langhha'ee Baajhh'a see'n.
TRANSLATIONS
There exist tumultuous and gurgling eddies in the river and its current too is boisterous. However, Suhni entered the river at the site of the eddies, little caring for her life. It was simply by Allah's grace that she passed safely to the other bank.
Note: Replaced ڌڙڪو by دهڪو as per Mr. Trumpp'es edition and اتاهم by اتاهين as per Mr. Kazi's edition.
Roaring, violent swirling whirlpools, and daunting river,
From that very place she enters the river not caring for her life,
God's grace led her safely across the current.
لہراں مار اُچھالے گونجن تِکھا ہڑھے آیا
کدی خوف نا کھاہدا سوہنی، نا اوس دل ڈولایا
کرم کرے جے آپے ماہی، آپے پار لنگھائی
الاماں، الحفیظ، ہائے غضب!
یورش موجۂ تلاطلم خیز!
سوہنی بے نیاز بیم و رجا
ہوگئی موت سے ستیز انگیز
کاش تیرے کرم سے وہ پہنچے
تا لبِ ساحل سکوں آمیز
بپھری لہریں، بھنور، طلاطم، دریا ہیبت ناک،
کود گئی دریا میں سوہنی، ذرا نہیں تھی باک،
دریا دہشت ناک، کر گئی مہر سے پار۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
