Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي دھشت دام درياھَ جو بيت
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا،
سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا،
ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 64 سيڪڙو
سمجهاڻي
درياھ ۾ ڏاڍي دهشت آهي ۽ ڌڌڪا پيو ڪري، ڪُنن جا ڪڙڪاٽ صاف پيا ٻُڌجن. درياھ سمنڊ جھڙي ڏِک پيو ڏئي ۽ منھنجي پريشان دل ۾ انهن ڌڙڪن برداشت ڪرڻ جي طاقت آهي ئي ڪانہ. (اهڙيءَ حالت ۾) او، ساهڙ (منھنجا رهبر) تون ئي هن مسڪين جي ڪا دانھن ڪُوڪ ٻڌ!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1617
دَهْشَةَ دَامَ دَرْيَاهَم﮼ جِةِ ڪُنَنِ جَا ڪَرِڪَا﮶
سَھٖيْ ڪِيْنَ سَمُنْڊَ جَا مَاندِيْ دِلِ دَرَڪَا﮶
سَاهَرَ سُنِجِہ ڪَا فَرْيَادِيْ فَقِيْرِ جِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
दह्शत दाम दरियाह में। जिति कुननि जा कड़का।
सहे कीन समुंड जा। मांदी दिलि धड़का।
साहड़ सुणिजि का। फ़रियादी फ़क़ीरि जी।
ROMAN SINDHI
Dahshat'a daam'a daryaah'a mayn, jit'ay kunan'ay jaa karrikaa,
Sahi keen'a samunD'a jaa, maandi dil'a dharrkaa,
Saaharr'a sunnij'ay kaa, fariyaadi faqeer'ay ji.
TRANSLATIONS
The river is in an awfully high spate and the eddies in it resound with din. "My feeble heart cannot bear the boisterousness of the river. O Lord! May you heed the entreaty of this supplicant (for a safe transit)".
Horrifying river, where whirlpools rumble,
My feeble heart cannot endure river's threats,
O Lord, listen to the entreaties of this supplicant.
گھمر گھیری دے وچ پھاتھی لہراں دے مونہہ آئی
لوہڑے دا ہڑ کانبا چھیڑے بُھلی کائی بائی
میں مسکیں کراں فریاداں ماہی میرے بوہڑیں
دہشت کیسی دریا میں ہے، لہر بھنور کا شور،
ساجن! میں تو سہہ نہ پاؤں، اِن لہروں کا زور،
میں برہن کمزور، تو ہی سُن فریاد اے سائیں!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ…
- (بيت) ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا،…
- (بيت) ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
