Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ جو بيت
آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي،
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ،
مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي راڻا! تون منھنجي دل جو آرام ۽ سڪون آهين ۽ تون ئي هن ديس جو مختيار ۽ مالڪ آهين. اي راڻا! تنھنجي قرب لاءِ (مون سميت) سڀ سُهاڳڻيون سِڪي رهيون آهن. اي ڪاڪ (جھان) جا حقيقي مالڪ! مون تان پنھنجي پناھ وارو هٿ نہ کڻجانءِ (مون کي پنھنجي نگهبانيءَ کان محروم نہ ڪجانءِ).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3807
اَءُ رَانَا رَاحَتَ ڌُوْنَ ڌَرَتِيَ جَا ڌَنِيْ﮶
سِڪَنِ ٿِيٌ سُهَاکَنِيٌ سُوْڊَا تُھْجِيَ سَٿَ﮶
مُنْتَا لَاهِمَ هَٿَ ڪَامِلَ ڌَنِيْ ڪَاڪِجَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आउ राणा राहत। धुवुण धरतीअ जा धणी।
सिकनि थियूं सुहाग॒ण्यूं। सोढा तुंहिंजीअ सथ।
मूं तां लाहि म हथ। कामिल धणी काकि जा।
ROMAN SINDHI
Aau raanna raHat'a, dhoonn'a dhartee'a ja dhanni,
Sikan thiyoon suhagganniyoon, soDhha tuhinjee'a sath'a,
Moon taan laah'e ma hath'a, kaamil'a dhannee kaak ja.
TRANSLATIONS
O Rano! You are the exhileration of my heart! You are the Lord and master of earth! Pray come to me. O Sodha! Your favourite wives (i.e. followers) are longing for your company. O Ideal Lord of Kak! Kindly do not forsake me.
Lord of earth and its produce, come and comfort me,
Favorite women long for your company,
Do not give me up, oh! perfect Lord of Kaak.
You are the plesure of my heart, the jewel and the lord of earth,
O Sodha, brides are craving for your company,
O the perfect one and the lord of Kaak, do not forsake me.
يا رانا! راحة روحي! يا رزاق يا مالك الملك! يا أمير يا بطل!
العذري والأبكار يقلقن ويضجرن للقائك ! يا صاحب كامل فى بلدة كاك!
أنا أحيا تحت ظلك وتحت رعايتك فلا ترفع ظل رحمة يديك من فوق رأسي.
تون ان داتا چین دلے دا رانے عرض گذاراں
وصل ترے نوں تانگھ پیئیاں، کاک سہاگن ناراں
سر دے سائیں رحمت دا توں سر توں ہتھ نا لاہیں
تو ہے مختار کل بہر حالت
تیرے حلقہ بگوش خاص و عام
ایک مجھ ہی پہ کچھ نہیں موقوف
ساری دنیا ہے بندۂ بے دام
رانا! روح کی راحت ہے تو، مالک اس دھرتی کا،
ترس رہی ہیں محبوبائیں، تیرے ملن کو سوڈھا!
تھام لے تو ہی، آجا، کامل! کاک کے مالک۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا…
- (بيت) جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي…
- (بيت) جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِي ريھَ، مُون کي…
- (بيت) راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن…
- (بيت) راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين…
- (بيت) راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾،…
- (بيت) راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾،…
- (بيت) راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي…
- (بيت) راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ…
- (بيت) راڻي جي رُسَڻُ جو، دِلِ…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ…
- (بيت) راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي…
- (بيت) راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي…
- (بيت) سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ…
- (بيت) سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون…
- (بيت) لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ…
- (بيت) نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان…
- (بيت) ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي…
- (بيت) کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا…
- (بيت) ڪا جَا راڻِي مَنَ ۾،…
- (بيت) ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي…
- (بيت) ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
