Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ جو بيت
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ،
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
هُو جڏهن صبح جو سويل (سهڻي صورت سان) نڪري نروار ٿيو، تہ خبر ئي نٿي پيئي، تہ هو سامي آهي يا سج آهي (هو سج وانگر ٻهڪندڙ چھري وارو هو). وري سندس مٿي تي ڳاڙهي ڪپڙي جا ور وڪڙ ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪڪرن ۾ چمڪندڙ کنوڻ جي ڳاڙهاڻ! اي سامي! تون بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي اسان کي ڪاڪ محل جون سچيون ۽ پيرائتيون خبرون ٻُڌاءِ.
[روميءَ پڻ اهڙي ڪامل عارف جي سج سان هن ريت ڀيٽ ڪئي آهي:
ديد شخصي کاملي پرمايهء،
آفتابــي درمـــياني سـايهء.
(دفتر اول، ب- 68)
معنيٰ: هن هڪ اهڙي ڪامل شخص کي ڏٺو، جيڪو معرفت جو صاحب هو. بلڪ هو اونداه ۾ صفا سج وانگر هو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3720
پِرْہَ جُوْ پَيْدَا ٿِئُوْ سَامِيْ ڪٍ سِڃُہ﮶
مَٿِسِ رَتُوْ مُوْلِيُوْ جِيْسَا ڪَڪَرَ وِڃُہ﮶
ڪَهٍ ڊَاءِ مَڊِ جُہ وَءُ ڪَاهِيْدُوْ ڪَاڪِڎٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पिरह जो पेदा थिओ। सामी की सिजु॒।
मथिसि रतो मोलिहियो। जीअं सा ककर विजु॒।
कंहीं डाए म डि॒जु॒। खरियूं वेही डे॒ ख़बरूं।
ROMAN SINDHI
Pirh'a jo peda thiyo, saamee kee siJhh'u,
Mathis rato molihiyo, jeean san kakar'a wiJhh'u,
Kanheen DHa'e ma DHiJhh'u, khariyoon wehi De khabaroon.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن…
- (بيت) آئُون ٻانِهي ٻايُون ٻِيُون، تَڙَ…
- (بيت) آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا…
- (بيت) آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا…
- (بيت) اچِي پَسو جيڏِيُون، جيڪِي رائي…
- (بيت) تَنِ کي جورا زَربَفتَ جا،…
- (بيت) تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو…
- (بيت) جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ…
- (بيت) سَڀَنِي سَمُنَ ڪاڪِ جِي، راڻَنِ…
- (بيت) مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، مُرادِي مَنجِهنِ،…
- (بيت) مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ…
- (بيت) مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي…
- (بيت) مُومَلَ ھَٿِ ڪَمانَ، نِسورِيائِي نِينھَن…
- (بيت) مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا،…
- (بيت) پائي آيَسِ پاندَ ۾، سوڍا…
- (بيت) پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، ڳاڙِھائِيءَ…
- (بيت) ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ…
- (بيت) ڪو اَچِي مُون چوءِ، اِجهو…
- (بيت) گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون…
- (بيت) گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
