Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي رُس مَ رُسڻ گهورئو جو بيت
ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ،
ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ،
لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مومل جي التجا) اي سوڍل سياڻا، تون پنھنجي اُٺ جون واڳون ورائي، هن ڪمذات جي طرف ڪاهي اچ. آءٌ توکان سواءِ هن ڪاڪ (محل) کي ڇا ڪريان، منھنجي دل هر وقت توکي پيئي ياد ڪري. (خدا جي واسطي) مون ۾ شڪ ۽ ڏوھ وارا گُمان ڪڍي، مون سِڪايل جي اڱڻ تي اچ.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3679
ڪَرَهُوْ ڪَمِيْنِيَ تٖيْ سُوْڊَا وَارِ سُجَانَ﮶
ڪُوْہُ ڪَرِيَان ڪَا ڪِکٖيْ تَنَ تُوْہٍ ڎٖيْ تَانَ﮶
لَاهٖيْ غَيْرَ کُمَانَ اَکَنِ آَءُ اُڪَنڊِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
करहो कमीणीअ ते। सोढा वारि सुजा॒ण।
कोहु कर्यां काकि खे। तनि तोहीं डे॒ ताण।
लाहे ग़ेर गुमान। अङणि आउ उकंडियें।
ROMAN SINDHI
Karaho kameennee'a te, soDhha waar suJhhann'a,
Koh'u kariyan kaak khe tan tawheen De taann'a,
Laahe Gair'a gumaan'a, angann Aau ukanDHeen.
TRANSLATIONS
"O Sodha, the wise! Please turn your camel in the direction of his base creature. What shall I do now with Kak and its accessories? My whole system is anxious to reach you. Please divest yourself of all suspicions, and come to those who are anxiously longing for you."
Soda! turn your camel to this humble one's home,
Kaak is of no concern to me, I pine for you alone,
Put away your suspicions and doubts, come to the one who longs for you.
O sagacious Sodha, ride your camel to this base person,
What use is Kaak, my whole body is yearning for you,
Free your heart of doubt, come to the one who misses you all the time.
يا بطل الذكيّ الحكيم! رانا!
إرجع مع جملك وردّ جملك إلى هذه الحسينة.
لا حاجة لي إلى كاك أنا أقلق وانتظر لك دائما!
أبعد شكوك وظنونك وتشرف بعدومك عند المحبات فى ساحاتهن.
میں ول ساجن موڑ مہاراں چڑھ کے بوتے آوے
تن من مِیرا دوڑے تیں ول مینوں کاک نا بھاوے
شک شعبے سبھ لیہہ گئے ہوسن کھڑی اُڈیکاں تینوں
دیکھ آنکھیں بچھائے ہوں کب سے
ناقۂ تیزرو کو لوٹالے
ایک ادنیٰ کنیز ہوں تیری
بدگماں کیوں ہے روٹھنے والے
گاڑ دے آکے پھر سے سینے میں
تیکھے نینوں سے عشق کے بھالے
کیا سروکار کاک سے مجھ کو
دیدہ و دل ہیں تیرے متوالے
آ برہن کے آنگن سائیں!، تو تو ہے گنوان،
تجھ بِن محل یہ ویراں لاگے، ہر پل تیرا دھیان،
چھوڑ دے اور گمان، آجا میرے اَنگنا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ…
- (بيت) اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي…
- (بيت) اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ…
- (بيت) سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون…
- (بيت) سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ…
- (بيت) سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي…
- (بيت) سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي…
- (بيت) مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،…
- (بيت) نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ…
- (بيت) ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو…
- (بيت) ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان…
- (بيت) ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
