گُمانَ بابت
معنيٰ
شَڪَ، شُبها، ظَنَ، ڀَرم، وَهم، وِسوسا، عبرت، خيال، قياس، قياس آرائيون، ويچارَ، دَليل.
Doubts, suspicions, notions, ideas, conjectures, fancies.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ، جي جَنِي جا…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي مُنھِنجِي جانِ، رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ، ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ، ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ، لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]