Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي رُس مَ رُسڻ گهورئو جو بيت
سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون،
راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 84 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مومل ٿي چوي) اي راڻا! اي سوڍا! تنھنجي جدائيءَ جي سورن منھنجي اندر ۾ باھ جا وڏا مچ ٻاري ڇڏيا آهن. مون کي تنھنجي يادگيرين ۽ ڪيل روح رهاڻين مورڳو ماري وڌو آهي. مون کي منھنجيون جيڏيون سرتيون طعنا مهڻا پيون ڏين، هاڻي تون راضي ٿي تہ پاڻ ۾ پرچي پئون.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3779
سُوْڊَا تُھْجٖيْ سُوْرَ اَندَّرِ آَکِيْ لَائِيٌ﮶
رَانَا رَهَانِنِجَا مَارِيْنِهٌ مَذْڪُوْرَ﮶
طَعْنَا ڎِيْنِهٌ تُوْرَ آَءُ تَپِرٍ پَرْچٌہ پَانَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सोढा तुंहिंजे सूर। अंदरि आगि॒यूं लाइयूं।
राणा रिहाणिनि जा। मारीनिहूं मज़्कूर।
ताना डीं॒हूं तूर। आउ त पिरीं परचूं पाण में।
ROMAN SINDHI
SoDhha tuhinje soor'a, andar Aaggiyoon laaiyoon,
Raanna rihannin ja, mareenhoon maZkoor'a,
Tana Deenhoon toor'a, Aau ta pireen parchoon paann me.
TRANSLATIONS
O Sodha! The travails of your separation have kindled fire within me. The memory of my past conversations with you is simply killing me. My colleagues reproach me in connection with you. I request you to come back to me and be reconciled with me.
O Sodha, your separation has lit fire in my heart,
Memory of the love chats that we had together is killing,
My mates taunt me about you, come, let us reconcile.
وے سوڈھے فراق تیرے نے اندر بھانبھڑ بالے
چیتے آون جو پل بیتے رانے تیرے نالے
طعنے دیون سیاں مینوں آیے وچ میں کھوئی
شدت درد شعلہ ساماں ہے
جان گزیں جب سے یاد جاناں ہے
طعنۂ دیگراں ہے اور میں ہوں
دل پریشاں نظر پشیماں ہے
کاش میں اپنے پیارے رانے کو
اب نہ ترسوں گلے لگانے کو
من میں درد فراق کی ساجن، سلگ رہی ہے اگنی،
تیری پیار بھری باتوں کو، مومل یاد ہے کرتی،
طعنہ دے ہر سجنی، آ تو من جائیں اے ساجن!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ…
- (بيت) اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي…
- (بيت) اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ…
- (بيت) سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ…
- (بيت) سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي…
- (بيت) سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي…
- (بيت) مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،…
- (بيت) نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ…
- (بيت) ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو…
- (بيت) ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان…
- (بيت) ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ…
- (بيت) ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
