Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ،
خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ،
ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُهي پڪا پختا (عمر رسيدہ)جوڳي جيڪي اڪثر روپ مٽائي (عام کان) پاڻ لڪائن، سي پنھنجن آستانن ۽ ماڳن تي ڪونہ آهن. هو پنھنجي هستيءَ کي ساڙي (ايڏيءَ منزل تي پھتا جو) جڏهن اٿي پنڌ پيا تہ پٽ تي پير ئي ڪونہ لڳن (هو هوا وانگر اڏامي ويا). جن جوڳين وٽ هاءِ هاءِ واري وائي هئي (جيڪي هميشه نيستيءَ ۾ هئا) تن کان سواءِ آءٌ ڪيئن ٿي زنده رهي سگهان.
[مثنوي روميءَ ۾ شيخ سررزي کي انهيءَ ساڳي عارفانہ رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن هو پاڻ چوي ٿو:
گفت من از خود نمائي نامدم،
جز بخواري و گدائي نامدم.
نيتسم در عزم قال و قيل من،
در بدر گردم بکف زنبيل من.
(دفتر پنجم، ب- 2689)
معنيٰ: هن چيو مان پاڻ کي ڪنھن بہ ريت ظاهر ڪرڻ نہ آيو آهيان، بلڪ مون کي تہ پاڻ کي گداگر ۽ پنڻ وارو ثابت ڪرڻو آهي. مان ڪنھن ڳالهہ ٻولهہ جي ارادي سان نہ آيو آهيان. بلڪ مان جهولي ڦھلائي گدائي ڪرڻ آيو آهيان].
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2521
بَابُوْ بٖيْکَارِيْ ٿِئَا اَڃُ نَہ آَسَنَ وَٽِ﮶
خُدِيْ کَائٖيْ هَلِئَا پٖيْرَ لَايَاءٌ پَٽِ﮶
هَيْھَيْ جَنٍ هَٽِ آَءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
बाबू बेखारी थिआ। अजु॒ न आसण वटि।
ख़ूदी खांए हलिआ। पेर लायाऊं पटि।
है है जनी हटि। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Babu be'kharey theea, ajj naa aasaan watt,
Khudey khaee haleaa, pairr laayaon patt,
haey haey jiney hath, aaon naa jeindey unn re.
TRANSLATIONS
The holy nomads are not at their usual place today. (They have moved out to fresh fields and pastures new). (The only difference is that) they always neutralize the ego in them and they move fast from one place to another. At their camps one hears nothing but lamentations (due to separation from Allah). I cannot live without them.
العابدون صاروا فقراء لا أجدهم على العتبة.
أحرقوا وأضرموا أنانيتهم لم يدعسوا أقدامهم على الأرض ساروا وانطلقوا بسرعة إلى أماكنهم أنتحب وأبكي مستحيل أحيىٰ بعدهم.
ہر خودی کو مٹاکے بیراگی
منہ کسی اور سمت موڑ گئے
عشق کی وسعتوں میںگم ہو کر
رشتۂ آب و گل کو توڑ گئے
اپنی پرکیف گوشہ گیری کا
سلسلہ میرے دل سے جوڑ گئے
کون جانے وہ میرے دل آرام
کیوں مجھے بے قرار چھوڑ گئے
اب مجھے زندگی سے کیا حاصل
آرزوے حیات لا حاصل
سوامی بنے بھکاری، ویراں ہیں سب آسن،
تج کر خودبینی چلے وہ، نئے بنانے مسکن،
جن کے ویراں آنگن، بن ان کے کیا جینا ری۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ…
- (بيت) جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ…
- (بيت) جيڪي مُون کي تاڻ، پَڳَھَ…
- (بيت) جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ…
- (بيت) جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين…
- (بيت) جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو…
- (بيت) سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون،…
- (بيت) سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي…
- (بيت) سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي…
- (بيت) قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾…
- (بيت) لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ…
- (بيت) ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي…
- (بيت) مَران مَٿو پِٽِيان، نِھارِئان نيرانِ،…
- (بيت) مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي…
- (بيت) مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،…
- (بيت) نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين،…
- (بيت) وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ…
- (بيت) وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين،…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،…
- (بيت) ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ…
- (بيت) ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي…
- (بيت) ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان،…
