Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين آھِينِ ڪَمُ،
آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن جوڳين (سالڪن) جُز (پنھنجي بشري صفات) کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي (هيءَ ڪائنات جيڪا خالق جي جملي مخلوقات جو هڪ جزو آهي، ان کي نيست سمجهن ٿا). هنن جا تڪيا فنا (ذات خداوندي) ۾ آهن (هو ملڪ عدم جا رهواسي آهن)، بيشڪ اهڙن (عالي صفت عارفن) کان سواءِ منھنجو جيئرو رهڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي. (آءٌ مئلن ۾ شامل آهيان).
[مثنوي روميءَ ۾ ’جز‘ ۽ ’ڪل‘ توڻي ’عدم‘ جو وڏو بحث آهي، بلڪ اهي روميءَ جي فڪر جا اهم اصطلاح آهن. هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشقان کل، نہ عشاق جُزو،
ماند از کلّ، آنکه شد مشتاق جُزو،
چونکه جزوي عاشق جزوي شود،
زود معشوقش بہ کلّ خود رود.
(دفتر اول ب 2801_2)
معنيٰ: ڪُل (ذات خداوندي) جا عاشق ئي اصلي آهن ۽ نہ هي جز يا ڀاڱي جا عاشق. ياد رکو، جيڪو جز جو عاشق ٿيو اهو ڪل کان ڪٽجي ويو. ائين جيڪڏهن جزو ٻئي جزي جو عاشق ٿيو تہ سندس معشوق ’ڪل‘ ڏانھن هليو ويندو يعني هي محروم رهجي ويندو.
’عدم‘ بہ روميءَ جو پسنديدہ اصطلاح آهي. بيت جي ٻيءَ سٽ لاءِ روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:
برعدم باشم نہ برمو جود مست،
زانکه معشوق عدم وا في ترست.
(دفتر پنجم، ب- 315)
معنيٰ: انهيءَ ڪري آءٌ عدم (عالم غيب، ازلي حالت) جو عاشق آهيان ۽ موجود (جيڪو فاني آهي) تي مست ناهيان، ڇو تہ عدم وارو معشوق (خدا جي ذات) ئي وفادار يعني باقي رهڻ واري آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2515
جُزُ وِڃَايُوْ جُوْکِي﮼ ڪُلَس﮼ اٰهِنِ ڪَمُ﮶
اٰسَنُ جَنِ عَدَمُ اٰءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जुज़ु विञायो जोगि॒यें। कुल सें आहेनि कमु।
आसणु जनि अदमु। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Ju'zz wijnayo joGeein, kul'l sein aahein kam',
Aasaan jin'n Adam, aaun naa jeindey unn re.
TRANSLATIONS
These ascetics have forsaken their individuality. They are concerned with the Prime or the Universal Soul (the Fountain head of all creation). Spaceless-ness is their final sitting place or goal. I would not live without them.
فارغ شوی زکثرت واصل شوی بہ وحدت
باشاہد حقیقت ھمنانگی ہمیں است
(Roomi)
Discard the plurality and get absolved in the Prime. That is what union with the Divine Beloved means.
Yogis losing self, aim to unite in soul universal,
Those who seek abode in spacelessness, without them I cannot live.
يدورون وجو إلهي.
الذين الانسان جزءٌ “والا له” مكانهم “فنا” مستحيل أحيىٰ بعدهم.
چھوڑ دیا ہے جُز کو، کُل سے ہے اب کام،
جن کا عدم مقام، بن ان کے کیا جینا!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ…
- (بيت) جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ…
- (بيت) جيڪي مُون کي تاڻ، پَڳَھَ…
- (بيت) جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ…
- (بيت) جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو…
- (بيت) سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون،…
- (بيت) سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي…
- (بيت) سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي…
- (بيت) قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾…
- (بيت) لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ…
- (بيت) ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي…
- (بيت) مَران مَٿو پِٽِيان، نِھارِئان نيرانِ،…
- (بيت) مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي…
- (بيت) مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،…
- (بيت) نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين،…
- (بيت) وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ…
- (بيت) وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين،…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،…
- (بيت) ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ…
- (بيت) ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي…
- (بيت) ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان،…
