Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي نڱي بي بوجهہ جو بيت
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ ڇَڏِ،
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي سسئي) هاڙهي جبل وارو پنڌ انهن طئي ڪيو، جن پاڻ سان ڪنھن قسم جو بار نہ کنيو. اي مُٺل عورت! تون سستي ۽ بھانو ڇڏي، پاڻ سان ’نفي‘ (نيستيءَ) جو سامان کڻي هل. توکي اها ’ڪين‘ (نابودي) ئي ڪيچ وارن وٽ پھچائيندي.
[مثنويءَ ۾ رومي ٻئي هنڌ ’لا‘ ۽ ’الا‘، نفي ۽ اثبات جي حوالي سان وڌيڪ وضاحت ڪندي هينئن چيو آهي:
زانکه در الاست او، ازلا گذشت،
هر که در الاست، او فاني نگشت.
(دفتر اول، ب- 3054)
معنيٰ: جيڪو ’الا‘ يعني اثبات (ذات مطلق) جو اقرار ڪري ٿو، اهو لا يعني نفي کان گذري چڪو آهي. وري جيڪو ’الا‘ يعني اثبات ۾ آهي، اهو ڪڏهن فاني نٿو ٿئي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 382
هَوْرِنِ هَارُوْ لَـکِئُوْ مُٽِيْ مُوْسَٽُ ڇَڎِ﮶
لَاس﮼ اُٿِيْ لَڎِ ڪِيْنَ رَسَانٖيْ ڪٖيْچَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
होरिनि हाड़िहो लंघिओ। मुठी मोसटु छडि॒।
“ला” सें उथी लडि॒। “कीन” रसाणे कैच खे।
ROMAN SINDHI
Hoo'roon har'ho lanGiy, muThi muws'satt chad'd,
Laa sein utheiy laDh kein'n easa'ne kech khey.
TRANSLATIONS
The unencumbered women have crossed the mountains. O wretched woman! forsake embellishments entirely. March with nothing (i.e. self-renunciation). That alone will help you to reach Kach.
Only destitution and nothingness could be taken to the Hereafter.
(H. Abual Hassan Farkani).
Wretched women! give up all adornment that you may Harho pass,
Take no burden with yourself, that you may to Kech be brought.
Those who walked light, crossed Haarho; o wretch, give up makeup,
Walk with Nothing leads to the beloved.
يا كئيبة! اتركي تزيينك اللاتي يؤمنن بعقيدة “لاشيء” يتجاوزون جبل “هارو” احملي “معك لاشيء” وسيري واسلكي.
هذه العقيدة “لاشيء” توصلك إلى “كيج” كيج بلد بنهون.
ہار شنگاروں حولے ہوکے چڑھ جا ہاڑ چڑہائی
ہوند مِٹے جاں تیری اڑیئے پاسیں کیچ رسائی
بوجھ بنا ہاڑے سے گذریں، بھول جا ہار سگنھار،
کچھ بھی سنگ نہ لے تو اپنے "لا" سے ملیگا یار۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جَنھِن…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ…
- (بيت) لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“…
- (بيت) نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ…
- (بيت) وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي…
- (بيت) ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ…
- (بيت) ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ٿِيءُ جَرِيدِي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون…
- (بيت) ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ…
