Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي نڱي بي بوجهہ جو بيت
ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ اَڻَ ھُوندِ کي،
ساڄَنُ تَنِ سَري، ”لا“ سين لَڏِينِ جي.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
محبوب انهن کي ويجهو آهي، جن وٽ ڪجهہ ناهي (جيڪي فنا ۽ نيستي ۾ آهن) ۽ جن وٽ ڪجهہ (هستي) آهي، انهن کان ڏور آهي. محبوب انهن کي ئي ملندو، جيڪي ’لا‘ (نيستي) وارو سفر ڪن ٿا.
[روميءَ وٽ ’لا‘ جي اصطلاحي معني ’فنا‘ ۽ ’نيستي‘ آهي ۽ ’الا‘ مان مراد اثبات ۽ بقا آهي. هيٺين بيتن ۾ ان طرف اشارو آهي:
چون اناي بنده شد ’لا‘ از وجود،
پس چه ماند؟ تو بينديش اي جهود.
گر ترا چشميست، بگشا، درنگر،
بعد ’لا‘ آخر چه مي ماند دگر.
(دفتر ششم، ب- 2096-7)
معنيٰ: جڏهن ٻانهي جي ’انا‘ سندس وجود کان ’لا‘ يعني ختم ٿي ويئي، تہ پوءِ اي منڪر، تون پاڻ سوچ تہ باقي ڇا بچيو؟ جيڪڏهن توکي اکيون آهن تہ چڱيءَ طرح ڏس تہ وجود جي نفيءَ کان پوءِ آخر (حق کان سواءِ) ڇا ٿو رهجي وڃي؟]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 379
هُنْدِئَا هُوْتُ پَرٖيْ اُوْڎُوْ آَہِ اَنَ هُنْدِ کٖيْ﮶
سَاڃَنُ تَنِ سَرٖيْ لَاس﮼ لَڎِيْنِ جٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हूंदिआं होतु परे। ओडो॒ आहि अण हूंदि खे।
साज॒नु तनि सरे। “ला” सें लडी॒नि जे।
ROMAN SINDHI
HonDey'an ho'tt par'ey, aodho aah'h aan'n honD'e khey,
Sajja'nn tin'n sar'eiy laa sein'n laDein jey.
TRANSLATIONS
The Beloved is away from the materialists and egoists. He is near those who are absolutely free from all sorts of attachments and encumbrances. He is available to those who move out with nothing, i.e. self-renunciation.
روی خود از خویش چوں بریافتی
از خودی رفتی و خدا یافتی
(Sachal Sarmast)
When you turned your face away from self and discarded ego, you were joined to Allah.
نجا المخففون و هلک المثقلون
(Roomi)
Those who were lightly burdened or poor were saved. But those who were heavily loaded were destroyed.
Beloved is close to the needy, He is far from those with plenty,
He is with those who prefer to live in scarcity.
Hoat is distant from the haves but close to have nots,
Beloved is with them, who go forth with Nothing.
الحبيب بعيد من “الشيء” وقريب من “لاشيء” الذين يحملون “لاشيء” معهم.
هم يلقون الحبيب.
هنا: السيد الشاعر يشير إلى نفس المغزى: الرب قريب من الذين يحبونه وتركوا طوامع الدنيا وهو بعيد عن الذين غافلون عنه وهم يطمعون فى الدنيا.
بودوں پرے نا بودی اندر سجن دا ھے ڈیرا
اپنا آپ ونجا ملیگا سسی ماہی تیری
ہونے کے اسباب سے سکھیو! دور ہے سہنا یار،
کچھ بھی اپنے سنگ نہ لیں جو، وہ پائیں دلدار۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جَنھِن…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ…
- (بيت) لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“…
- (بيت) نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ…
- (بيت) وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي…
- (بيت) ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ…
- (بيت) ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ٿِيءُ جَرِيدِي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون…
